سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پيرسن جوڙي جو ڌي جي مبينا قتل خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ايئرويز ڪالوني واسي پيرسن جوڙي معصوم ٻارڙن سان گڏجي بااثر ناٺي ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت دوست محمد شيخ گهرواري حسينه خاتون، ڏهٽي دعا ۽ پوٽي سيما سان گڏجي دانهيندي چيو ته ڪجھه سال اڳ ڌي شاهده جو پهريون مڙس امداد شيخ بيماري وگهي فوت ٿي ويو هو، جنهن بعد سندس شادي علي آباد پاڙي جي رهواسي اي ايس آءِ علي گوهر جويو سان ڪرائي، شادي کان اڳ ناٺي علي گوهر اها ڳالھ ڳجهي رکي ته هن جون اڳ ٻه شاديون ٿيل آهن، جن مان کيس 9 ٻارن جي اولاد آهي، منهنجي ڌيءُ شاهده سان شادي کان اڳ ناٺي علي گوهر جويو 10 لک ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پئسا گهرڻ تي هن ڌيءُ شاهده کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو آهي.هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر ناٺي خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button