سنڌ

ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جا 16 ڪچا ملازم زباني حڪم سان فارغ

ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۾ 8 سالن کان ڪم ڪندڙ 16 ڪچن ملازمن کي نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي آهي. ڊائريڪٽر جنرل ثقافت عبدالعليم لاشاري زباني حڪم جاري ڪندي بجيٽ نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي ملازمن کي فارغ ڪري ڇڏيو، جنهن کانپو نيڪالي ڏنل ملازم مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن. فارغ ڪيل ملازمن ۾ ڪاشف شيخ، راشد راهو، اختر راهو، بابو ميرجت، نيڪ محمد راهو، حسين بخش ميرجت، ظفر ٻگهيو، راديش ۽ ٻيا شامل آهن. ان ڏس ۾ هنن چيو ته 8 سالن کان ثقافتي مرڪز ۾ ڪم ڪري رهيا هئاسين، ڊي جي ثقافت بنا ڪنهن نوٽيس جي نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. ڪيترن مهينن کان پگهار به رهيل آهي. هنن وزيراعلى سنڌ ۽ صوبائي وزير سيد سردار شاهه کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي بحال ڪيو وڃي ۽ رهيل پگهار جاري ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button