پاڪستانعالمي

33 ملڪن جي هڪ ارب ٻارڙن کي ماحولياتي خطرا آهن:يونيسيف

اسلام آباد؛گڏيل قومن جي ٻارڙن جي ڀلائي بابت ڪم ڪندڙ اداري (يونيسيف) جي هڪ رپورٽ مطابق دنيا جو ڪو به ٻار ماحولياتي تبديلين کان محفوظ ناهي رهيو. گڏيل قومن جي اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ماحولياتي تبديلين سبب سڄي دنيا جي مختلف ملڪن جا اٽڪل هڪ ارب ٻار ماحولياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن. رپورٽ موجب عالمي سطح تي هڪ ارب ٻارن جي صحت ۽ حياتين کي ماحولياتي تبديلين جا شديد خطرا درپيش آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سندن حياتيون به ختم ٿي سگهن ٿيون. يونيسيف پنهنجي رپورٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته پهريون ڀيرو موسمياتي ۽ ماحولياتي تبديلين جا خطرا واضح طور سامهون آيا آهن ۽ ماهرن کي انهن خطرن جي شدت جو ادراڪ آهي. يونيسيف جي رپورٽ مطابق دنيا جي 33 ملڪن جا اٽڪل هڪ ارب ٻار ان خطري جي ور چڙهيل آهن، انهن ملڪن ۾ خاص طور تي آفريقا ۽ ايشيائي ملڪ شامل آهن. عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ماحولياتي تبديلين تي ڌيان نه ڏنو ويو ته هر ٻار برف جي ٽڪڙي جيئان پگهرجي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button