اسلام آبادپاڪستان

نيب چئن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد ؛قومي احتساب بيورو (نيب) جسٽس (ر) جاويد اقبال جي نگراني هيٺ چئن سالن جي ڪارڪردگي واري رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. نيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس جاويد اقبال جي نگراني ۾ چئن سالن ۾ 1194 ملزمن کي سزائون مليون. نيب جي سيڪشن 10 تحت 447 ملزمن کي نيب جي سيڪشن 25 تحت 747 ملزمن کي سزائون مليون. نيب مطابق سيڪشن 10 تحت سڀ کان وڌيڪ سزائون نيب ڪراچي ۾ 205 ملزمن کي مليون. سيڪشن 25 بي تحت سڀ کان وڌيڪ سزائون نيب سکر ۾ جاري ڪيسن ۾ 291 ملزمن کي مليون. سيڪشن 25 بي تحت ملتان ۾ 26 سزائون. سيڪشن 25 بي تحت ڪراچي ۽ لاهور ۾ جاري ڪيسن ۾ 167-167 ملزمن کي سزائون مليون. جڏهن ته سيڪشن 25 بي تحت نيب راولپنڊي ۾ جاري ڪيسن ۾ 75 ملزمن کي سزائون ٻڌايون ويون. چيئرمين نيب جسٽس جاويد اقبال چيو ته نيب کوکلن نعرن بدران عملي قدمن تي يقين رکي ٿي. نيب احتساب سڀني لاءِ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي جنهن جا شاندار نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. نيب يو اين سي اي سي تحت گڏيل قومن جو فوڪل ادارو آهي، ان کان علاوه نيب سارڪ ملڪن جي بدعنواني جي خاتمي واري فورم جو چيئرمين به آهي، جڏهن ته نيب چين سان سي پيڪ منصوبن ۾ شفافيت ۽ بدعنواني جي خاتمي لاءِ مفاهمت جي يادداشتنامن تي صحيحيون ڪيون آهن، جيڪو پاڪستان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button