اسلام آبادپاڪستان

ٻارن کي ڪرونا ويڪسينيشن ڪرڻ وارو فيصلو معطل

اسلام آباد : نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ٻارن کي ڪرونا ويڪسينيشن جي معطلي جو فيصلو ڪيو آھي. ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 12 کان 15 سالن جي ٻارن جي ويڪسينيشن جزوي معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ٻارن جي ويڪسينيشن 15 کان 27 نومبر تائين معطل رھندي. ان حوالي سان اين سي او سي ٻڌايو تھ ويڪسينيشن جي معطلي جو فيصلو قومي ارڙي ۽ روبيلا مھم جي سبب ٿيو آهي، ارڙي ۽ روبيلا جي قومي مھم 15 کان 27 نومبر تائين جاري رھندي. ٻئي پاسي ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪرونا بابت پابندي تي نظر ثاني ڪئي ۽ ڪووڊ 19 جي شرح کي نظر ۾ رکندي پابندين ۾ نرمي جو فيصلو ڪيو آھي. اين سي او سي چيو آھي تھ پابندي تي نظر ثاني جو فيصلو ڪرونا جي صورتحال ۾ بھتري تي ڪيو ويو. ويڪسينيشن جي بھتر شرح وارن شھرن جي لاءِ پابندي ۾ نرمي ٿيندي، ڪرونا پابندي ۾ نرمي سان زندگي معمول تي ايندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button