سنڌ

راڌڻ ۾ نوجوان جي قتل جو جرڳو،2 ايڪڙ زمين ڏنڊ

راڌڻ ۾ نوجوان صدام جھتيال جي قتل جو جرڳو ڪري جوابدارن مٿان ٻه ايڪڙ زمين ڏنڊ وڌو ويو. خبر موجب ڳوٺ گنجا ۾ ڪجهه مھينا اڳ قتل ٿي ويل 25 ورھين جي نوجوان صدام جھتيال جي قتل جو جرڳو ڊي ايس پي پوليس منور جھتيال ۽ مير مظھر جھتيال ڪيو، جنھن ۾ انصاف جهتيال، محمد ايوب جهتيال، واحد بخش جهتيال ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڌرين جون ڳالھين ٻڌڻ بعد سرپنچ منور جھتيال فتويٰ ڏيندي جوابدار ڌر مٿان ٻه ايڪڙ زمين چٽي وڌي، اها زمين مقتول جي پٽ منصور نالي ڪئي ويندي ۽ الزام ھيٺ آيل ڪيس ۾ ڄاڻايل ٻن جوابدارن فاروق جھتيال ۽ بشير جھتيال کي ڳوٺ نيڪالي ڏني ويندي، فيصلي موجب جوابدار مقتول جي گهر تڏو ميڙ کڻي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button