
اسلام آباد:وفاقي حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت اتحادي جماعتن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ايڪسپريس نيوز موجب حڪومت ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي معاملي تي اتحادي جماعتن جا خدشا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ اتحادي جماعتن ۽ حڪومت جي وفدن وچ ۾ اهم ملاقات اڄ طئي ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اتحادي جماعتن کي اي وي ايم ۽ چونڊ سڌارن تي بريفنگ ڏني ويندي. جڏهن ته حڪومتي وفد اتحادي جماعتن جا ٻيا خدشا به ختم ڪندو.