رانديون

ڀارتي عورت جبل چاڙهو بلجيت ڪور ڊيٿ زون ۾ موت کي ماري زندگي ماڻي ورتي

دنيا جي 8 هزار 91 ميٽر بلند ۽ خطرناڪ جابلو چوٽي اناپورنا کي فتح ڪرڻ بعد گم ٿي ويل ڀارتي عورت جبل چاڙهو بلجيت ڪور ڊيٿ زون ۾ ڏيڍ ڏينهن تائين رهڻ بعد موت کي ماري زندگي ماڻي ورتي آهي، سندس بچي وڃڻ جابلو مهم جوئن لاءِ وڏو مثال بڻجي ويو آهي. ميڊيا مطابق بلجيت ڪور دنيا جي خرناڪ ترين جابلو چوٽي اناپورنا کي فتح ڪرڻ بعد واپس آئي پئي تھ اها ٽيم کان وڇڙي گم ٿي وئي، جنهن کي وڏو عرصي گذرڻ تي دنيا بھ مئل قرار ڏنو، پر حيران ڪرڻ واري ڳالهه اها آهي تھ هوءَ ٺيڪ ان مهل زندگي لاءڀ وڙهي پئي،

بالجيت ڪور مهم تي رواني ٿي رهي آهي

ٿڌ سبب حواس وڃائيندڙ بيماري هائي ايلٽيٽيوڊ سيريبل ايڊما ٿيڻ باوجود بلجيت ريڙهيون پائيندي اڳتي وڌي، جنهن کي ريسڪيو ٽيم ڏسي ورتو، جن کيس 7600 بلندي تان ريسڪيو ڪري کٽمنڊو جي اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو آهي. هن پنهنجي خطرناڪ ترين مهم بابت ٻڌائيندي چيو تھ مان جبلن جي ڌيءَ ۽ هماچل جي زميندار گهراڻي مان آهيان، تنهنڪري مون کي هن مهم جي پريشانين جو اندازو هو.

بلجيت ڪور جي عام زندگي

هن چيو تھ چوٽي تي آڪسيجن بنا رهندي 27 ڪلاڪ ٿي ويا، مون کي بيماري جي علامتن گهيري ورتو، حالت اها ٿي وئي جو دماغ قابو ۾ نھ پئي آيو، جنهن سان لاڳيتو وڙهي رهي هئس. مون خواب ڏسڻ شروع ڪيا، سمجهي ويس تھ بيماري ٿئي پئي، ويسر بھ ٿي رهي هئي، پر همٿ ڪري اڳتي نڪتس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button