عالمي

ايلون مسڪ جي ڪمپني جو وڏو ۽ طاقتور خلائي راڪيٽ اڏام بعد تباهه

دنيا جي شاهوڪار ترين ماڻهن ۾ ڳڻيو ويندڙ ايلون مسڪ جي اسپيس ڪمپني ايڪس جو دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ طاقتور راڪيٽ آمريڪا جي ٽيڪساس رياست ۾ لائونچ پيڊ کي ڇڏيندي ئي اڏام بعد اتي ئي تباهه ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق ٽيڪساس جي اوڀرندي سامونڊي پٽي ۾ عملي جي بنا تجرباتي بنيادن تي ڇڏڻ واري راڪيٽ کي جيئن لائونچ پيڊ تان ڇڏيو ويو تھ ڪجهه ئي منٽن ۾ بي قابو ٿيڻ لڳو ۽ ان جي مختلف حصن ۾ باهه لڳي وئي، جنهن بعد اهو تباهه ٿي ويو، جڏهن تھ راڪيٽ ۾ ڪوبھ ماڻهو نھ هجڻ ڪري جاني نقصان ناهي ٿيو. هوڏانهن ايلون مسڪ جو چوڻ آهي تھ سندس ڪمپني جلد ٻيهر اهڙي ڪوشش ڪندي. هن چيو تھ ٽيم ۾ شامل انجنيئر تجربي کي ڪامياب قرار ڏئي رهيا آهن، تجربا ڪرڻ پسند آهي، شيون کي ٽوڙڻ کان ڊپ ناهي ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button