عالمي

يمن ۾ خيراتي پيسا ورهائڻ دوران ڀاڄ، 78 ماڻهو لتاڙجي مارجي ويا

يمن ۾ حوثي باغين جي قبضي هيٺ آيل گادي واري شهر صنعا ۾ هڪ اسڪول اندر رمضان مهيني جي حوالي سان خيراتي پيسن جي ورهاست دوران ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 78 ماڻهو لتاڙجي فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو آهي تھ لتاڙجي مارجي ويلن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو تعداد شامل آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ باب ال يمن جي علائقي ۾ سوين ماڻهو هڪ واپاري کان خيراتي پيسا وٺي رهيا هئا تھ واقعو پيش آيو. هڪ متاثر ٻڌايو تھ واپاري ماڻهن کي خيراتي پيسا ڏيڻ خاطر اسڪول جي پٺئين دروازي کان سڏايو، جتي انتهائي تنگ جڳهه آهي، پيسن واري هنڌ تي پهچڻ جو رستو رڳو ڏاڪڻ هئي، تنهنڪري ڀاڄ پئي ۽ جاني نقصان ٿيو آهي. حوثي باغين واقعو مقامي انتظاميا سان رابطو نھ ٿيڻ جو نتيجو قرار ڏئي ذميوارن جي گرفتارين جي دعوا ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button