اسلام آبادپاڪستان

هي جڊيشل مارشل لا پلس آهي، توهين پارليامينٽ جو قانون به منظور ڪيو وڃي:اسپيڪر پرويز اشرف

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف خواهش ظاهر ڪئي آهي ته پارليامينٽ مان “توهين پارليامينٽ” جو قانون به منظور ڪيو وڃي، 50 سال گذرڻ باوجود پارليامينٽ پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي، هي جڊيشل مارشل لا نه پر جڊيشل مارشل لا پلس آهي. خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي چيو ته پارليامينٽ 23 ڪروڙ عوام جي جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪري ٿي. اهڙو قانون جيڪو اڃا پاس به ناهي ٿيو ان سمورا مرحلا طئي به نه ڪيا آهن ان تي عدالت چوي ته اسان اسٽي آرڊر ڏيون ٿا، اسٽرائيڪ ڊائون ڪريون ٿا ۽ اهڙا سخت لفظ هجن ته صدر قبول ڪري يا نه، هي قانون نه ٺهندو. ان جو مطلب جيڪڏهن پارليامينٽ کي ڪا به قانون سازي ڪرڻي آهي ته پهرين اجازت وٺڻ لاءِ عدالت وٽ ويندي؟ هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پو پارليامينٽ جي خود مختياري ڪيڏانهن وئي؟ پوءِ ان جي طاقت ڪيڏانهن وئي ادارن جي ماءُ هئڻ واري حيثيت ڪيڏانهن وئي؟ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ هاڻي ڪنهن به سبب لاءِ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ته جي جيڪو قانون پاس ٿيو آهي ان کي روڪيو وڃي ته پو توهان پارليامينٽ کان ان جو قانونسازي جو حق، اختيار ۽ فرض کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. راجا پرويز اشرف وڌيڪ چيو ته توهان ان کي جڊيشل مارشل لا نه پر جڊيشل مارشل لا پلس چئي سگهو ٿا، هي ته ان کان به وڌيڪ خوفناڪ شي آهي. جيڪڏهن ڪو قانون آئين يا اسلامي قانون سان ٽڪراءُ ۾ آهي ته توهان ان کي اسٽرائيڪ ڊائون ڪري سگهو ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button