بلوچستانپاڪستان

بلوچستان ۾ اختلاف را دٻائڻ لا جبري گمشدگين جو استعمال ڪيو پيو وڃي: ايڇ آر سي پي

انساني حقن واري ڪميشن (ايڇ آر سي پي) بلوچستان ۾ جبري گمشدگين جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته رياست اختلاف را کي دٻائڻ لا وڏي پئماني تي جبري گمشدگين کي استعمال ڪري رهي آهي. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي جوڙيل فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ اهڙي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي، جنهن کي ڪميشن جي وائيس چيئرمين حبيب طاهر ايڊووڪيٽ ڪوئيٽا ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران جاري ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته بلوچستان ۾ جبري گمشدگين، معاشي محرومين، صحافت جي آزادي تي وار، ناقص انتظامن ۽ اسٽيبلشمينٽ تي سازباز جي الزامن سبب عام شهرين ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ وڌي رهي آهي، ڪيترائي شهري بلوچستان کي رياست جي ڪالوني قرار ڏين ٿا. حبيب طاهر ايڊوڪيٽ چيو ته بلوچستان ۾ جبري گمشدگين جو سلسلو ٻن ڏهاڪن کان جاري آهي، انهن واقعن ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي آهي پر فرق صرف ايترو آهي ته هاڻي اهڙا واقعا گهٽ رپورٽ ٿي رهيا آهن. رپورٽ مطابق نيم فوجي چيڪ پوسٽن جو دائرو غير ضروري طور تي ڦهليل آهي ۽ شهرين جو چوڻ آهي ته انهن چيڪ پوسٽن خوف وارو ماحول پيدا ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته سنگين معاشي بدحالي دوران وسيلن سان مالا مال صوبو وڏن ترقياتي منصوبن مان حاصل ٿيندڙ ڪمائي مان پنهنجي منصفاڻي حصي کان محروم آهي، جنهن سبب صوبي اندر غربت جي سطح ۾ اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ بلوچستان جي سياسي معاملن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت روڪڻ، جبري گمشدگين ۾ ملوث ماڻهن جو احتساب ۽ سڌ سما واري شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جي سلامتي ۽ آزادي کي يقيني بڻائڻ لا بلوچستان اسيمبلي مان قانونساني جو مطالبو ڪيو ويو آهي. حبيب طاهر ايڊووڪيٽ وڌيڪ چيو ته حق دو تحريڪ جا مطالبا تسليم ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته سي پيڪ منصوبن مان ماهيگيرن جي روزگار جو ذريعو متاثر نه ٿيڻ گهرجي، ان کان علاوه سڀني سياسي ڌرين کي بلوچستان جي پختون آبادي جي جائز شڪايتن جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button