رانديون

پاڪستان انڊر 19 چوٿين ون ڊي ۾ بنگلاديش کي هارائي ڇڏيو

پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم چوٿين ون ڊي ۾ بنگلاديش انڊر 19 ٽيم کي 8 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش جي ٽيم 199 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ اريف الاسلام 50، محفوظ الرحمان 34، پرويز جبن 30، احرار امين 27 رنسن سان نمايان رهيا، پاڪستاني بالر ايمل خان ۽ علي اسفند 3،3 شڪار ڪيا. پاڪستان 2 وڪيٽن تي هدف پورو ڪري ڪامياب ٿي ويو، جنهن ۾ شاهزيب خان 3 ڇڪن ۽ 14 چوڪن جي مدد سان 105 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ٽيم کي فتح ڏياري ورتي، اذان اويس 52، سعد بيگ 29 رنسون ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button