اسلام آبادپاڪستان

عمران سياسي ليڊر نه فتنو آهي،هڪ سال دوران جٿا تيار ڪيا:راڻا ثنا الله

اسلام آباد :گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناء الله چيو آهي ته وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهو تربيتي يافتا دهشتگرد هئا، عمران خان سياسي ليڊر نه هڪ فتنو آهي، جنهن هڪ سال دوران جٿا تيار ڪيا ته جيئن فتني کي هٿي وٺرائي سگهجي. دفاعي ٺڪاڻن، حساس اداري ۽ ايمبولينس گاڏين، ريڊيو پاڪستان جي عمارت کي ساڙڻ، چوپائي مال جي منڊي کي پهرين ڦرڻ ۽ بعد ۾ باهه ڏيڻ هڪ جٿي جو ڪم آهي. سڄي ملڪ ۾ 40 کان 45 هزار جو انگ رڪارڊ ڪيو ويو جن 23 ڪروڙ عوام جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو. ڪٽرپڻي ۾ ملوث ماڻهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، عوام هن فتني جو چهرو ڏسي ڇڏيو آهي، جنهن کي ووٽ جي طاقت سان مائنس ڪندا. ڪالهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته 9 ، 10 ۽ 11 مئي تي جيڪي واقعا آءِ سي ٽي، پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان، سنڌ ۽ جي بي ۾ پيش آيا، انهن ۾ 40 کان 45 هزار وڳوڙي جن کي عمران خان هڪ سال دوران وڳوڙن جي تربيت ڏئي تيار ڪيو هو. سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي بري طرح نقصان پهچايو. هن چيو ته دفاعي ادارن ۽ ماڻهن جي گهرن ۾ حملا ڪرڻ ڪو سياسي ڪلچر ناهي، ماضي ۾ سياسي پارٽين ۾ اختلاف ٿيندا هئا پر اهڙي طرح جا حملا نه ڪيا ويا. هن ٻڌايو ته 11 مئي تي آءِ سي ٽي ۾ 11 هنڌن تي احتجاج ٿيو. پنجاب ۾ 11 مئي تي 31 هنڌن تي احتجاج ٿيو. ڪي پي ڪي ۾ 126 هنڌن تي احتجاج ٿيو، ريڊيو پاڪستان جي عمارت سميت ٺڪاڻن ۽ حساس ادارن جي عمارتن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. انهن سمورن واقعن جو رڪارڊ گڏ ڪيو ويو آهي، ان ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ جو سلسلو جاري آهي. هڪ شخص جنهن 60 ارب رپيا لٽيا ۽ نيب ان کي گرفتار ڪيو جنهن جي دستاويزي ثبوتن کان هو پاڻ به انڪار نٿو ڪري سگهي.جڏهن مجرم عدالت ۾ پيش ٿئي ٿو ته ان کي ايترو وڏو رليف ڏنو وڃي ٿو جنهن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. سرڪاري مهمان خانن ۾ خدمت ڪئي وڃي ٿي. هن سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪنهن بيگناهه کي سزا نه ٿيندي، جيڪي اصل سبب آهن انهن کي منتقي انجام تي پهچايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته احتجاج سڀني جو حق آهي پر ان لاءِ انتظاميا کان اجازت ورتي وڃي ٿي. اميد آهي ته پي ڊي ايم به اهو ئي طريقو اختيار ڪندي ۽ قانوني گهرجن جو خيال رکندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button