رانديون

سريلنڪا ويسٽ انڊيز خلاف 267 رنسون ٺاهي ورتيون، ڪرونارتني جون 132 رنسون

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن واري راند ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 267 رنسون ٺاهي چڪي آهي. جڏهن تھ ڊيموٿ ڪرونارتني ويسٽ انڊيز جي سمورن بالرن کي بيوس بڻائي راند ختم ٿيڻ تائين 132 رنسون ٺاهيون هيون. گالي اسيٽيڊيم ۾ شروع ٿيل ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن سريلنڪا جي ٽيم 3 اهم وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، جن ۾ پٿم نشانڪا 56، اوشاڊا فرنينڊو ۽ اينگلو ميٿيو 3، 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ ويسٽ انڊيز  جي جرمين بليڪ ووڊ 2 وڪيٽون ورتيون آهن ۽ شينن گيبرئيل هڪ رانديگر آئوٽ ڪيو هو. سريلنڪا جي بيٽسمين ڌننجا ڊي سلوا 56 اسڪور تي ڊيموٿ ڪرونارتني سان گڏ پچ تي موجود آهي، جن وچ ۾ بهترين پارٽنرشپ ٺهي چڪي آهي. هوڏانهن ويسٽ انڊيز پهرين ڏينهن ئي پريشاني جو شڪار نظر آئي آهي، ڇاڪاڻ تھ سندس راهڪيم ڪورنوال، جيسن هولڊر، جوميل ويريڪن ڪالهه ڪابھ وڪيٽ وٺي نھ سگهيا آهن. ان کان اڳ سريلنڪا جي ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني ٽاس بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو پهرين ڏينهن سندن حق ۾ ويو آهي. ياد رهي تھ ويسٽ انڊيز ۽ سريلنڪا ۾ ٽيسٽ سيريز ٻن ميچن تي ٻڌل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button