اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ 61 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار قرار

اسلام آباد:پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ 61 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته غير محفوظ پاڻي جي استعمال سان ڪينسر جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. رپورٽ ۾ ڪيل انڪشاف موجب پاڪستان ۾ پيئڻ لاءِ موجود رڳو 39 سيڪڙو پاڻي محفوظ، جڏهن ته 61 سيڪڙو غير محفوظ آهي. ان حوالي سان وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ هر ٽئين گهر ۾ ڪينسر جو مريض نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب پاڻي ۾ آرسينڪ جي موجودگي ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button