اسلام آبادپاڪستان

عاصما جهانگير ڪانفرنس ۾ مفرور جي تقرير عدليا جي توهين آهي:فواد چوڌري

اسلام آباد: ناليواري قانوندان ۽ انساني حقن جي سرواڻ عاصما جهانگير جي ياد ۾ لاهور ۾ رٿيل ڪانفرنس جي انتظاميا طرفان پڄاڻي جي سيشن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو خطاب رکڻ تي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ناراضگي جو اظهار ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڪالهه ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري لکيو ته چيف جسٽس ۽ سينيئر ججن جي تقرير کانپوءِ هڪ مفرور شخص جو ڪانفرنس سان پڄاڻيءَ وارو خطاب رکڻ ججن ۽ عدليا جي توهين آهي. اهو ملڪ ۽ آئين جو مذاق اڏائڻ جهڙو آهي. هن چيو ته اڄ مون کي عاصما جهانگير ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي. مون کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪانفرنس جي پڄاڻي هڪ مفرور جوابدار جي تقرير سان ٿيندي، جنهن تي مان ڪانفرنس ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button