بلوچستانپاڪستان

بلوچستان ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 3 مزدور قتل

ڪوئيٽا :بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 3 مزدورن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. ليويز جي ذريعن موجب هرنائي ضلعي جي شاهرنگ ڪول فيلڊ ۾ ڪلي زودلان جي علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 3 مزدور مارجي ويا. واقعي کانپوءِ ريسڪيو ۽ ضلعي انتظاميا جي عملي پهچي مارجي ويلن جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل مزدورن جو واسطو افغانستان سان آهي. شروعاتي جاچ ۾ واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button