عالمي

جنوني عاشق محبت ثابت ڪرڻ لا سمورا ڏند ڀڃي ڇڏيا

محبت انڌي هجي ٿي واري چوڻي تي کڻي جو گهڻا ماڻهو اعتبار نھ ڪندا آهن، پر مصري جنوني عاشق ان ڳالهه کي سچ ثابت ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ مصر جي ڪيڪ نالي نوجوان پنهنجي محبوبا وٽ اهو ثابت ڪرڻ تھ هو رڳو ساڻس ئي محبت ڪري ٿو، هن پنهنجا سمورا ڏند ڀڃي وڌا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو تھ اهڙي نوبت ان وقت سامهون آئي، جڏهن ڇوڪري نوجوان تي الزام لڳايو تھ هن جا ٻي ڇوڪري سان لاڳاپا آهن. نوجوان ڪيڪ ۽ ليزا نالي ڇوڪري ۾ دوستي 4 مهينا اڳ ٿي، پر انهن وچ ۾ هفتي ڏيڍ کان ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند هو. ڪيڪ هڪ ڏينهن پنهنجا سمورا ڏند ڀڃي انهن جو هار ٺاهي ليز کي پيش ڪيو، جنهن تي ڇوڪري کلي ويٺي، پر کيس چريو قرار ڏئي دوستي ختم ڪري هلي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button