سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

آمريڪي شهري کي سوئر جي دل لڳائي وئي..!!

آمريڪي شهري کي ڊاڪٽر 7 ڪلاڪن تائين اوپن هارٽ سرجري ڪري جينياتي طور تبديل ڪيل سوئر جي دل ٽرانسپلانٽ ڪري ورتي آهي، جنهن بعد چئي سگهجي ٿو تھ دنيا ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ماڻهو کي سوئر جي دل لڳائي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ آمريڪي ماهر ڊاڪٽرن جينياتي طور تبديل ڪيل سوئر جي دل پيوندڪاري جي ذريعي انسان ۾ لڳائي آهي.

يونيورسٽي آف ميري لينڊ ميڊيڪل اسڪول ڪامياب پيوندڪاري ڪئي. اوپن هارٽ سرجري ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تھ 57 ورهين جو ڊيوڊ بينٽ سوئر جي لڳل دل وارو دنيا جو پهريون انسان بڻجي ويو آهي. هنن ٻڌايو تھ جينيياتي طور تبديل سوئر جي دل لڳائڻ جو عمل 7 ڪلاڪ هليو ۽ هاڻ مريض جي حالت بهتر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button