يوسف رضا گيلاني ايترو معصوم به ناهي، جيترو سرڪار هن کي بڻائي پيش ڪري رهي آهي. هونءَ به هڪ سياستدان جو معصوم هجڻ سمجهه کان مٿانهون عمل آهي. ماڻهو يا سياستدان ٿي سگهي ٿو يا معصوم ٿي سگهي ٿو. هڪ وقت هن جو ٻئي هجڻ تمام مشڪل آهي. خاص طور تي اهو سياستدان جيڪو قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر به رهيو هجي ۽ جنهن وزير اعظم جي حيثيت سان ملڪ جي حڪومت به هلائي هجي. جيڪو جنرل ضياءَ جي مجلس شوريٰ جو ميمبر رهيو هجي. جنهن جيل به ڏٺا هجن ۽ جنهن اقتداري ريل جا جهوٽا به کاڌا هجن، ان کي معصوم سمجهڻ وارو ماڻهو يا ته پاڻ معصوم آهي يا وري هن جي معصوميت چالاڪيءَ ۽ هوشياريءَ جو ڪو وڏو روپ هوندي.
يوسف رضا گيلاني صرف سياستدان ناهي. هو گادي نشين به آهي. هن هر طرح سان ڪاميابيون ماڻيون آهن. هن ۽ سندس خاندان مٿان ڪرپشن جا ڪيس به ٺهيا ۽ انهن مان هن ڪهڙي هوشيارپ سان جان ڇڏائي، اهي سڀ رڪارڊ جون ڳالهيون آهن. انهن ڳالهين جي هوندي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هن کي اچانڪ معصوم قرار ڏنو وڃي. جڏهن ته هو ڪنهن به حوالي سان معصوم ناهي. جيڪڏهن ڪوئي هن پاران سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ طور پيش ڪيل استعفيٰ تي هن لاءِ اهڙن لفظن کي چونڊيو وڃي ٿو ته اهڙي عمل جا به ڪجهه ٻيا سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هن کي پنهنجي مٿان وڌل پريشر جي نتيجي ۾ تمام گهڻو غصو آيو هجي. ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هن پنهنجي سياسي مستقبل جي لاءِ ڪو ٻيو فيصلو ڪيو هجي. ٽيون سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هن کي اهو يقين هيو ته هن پاران پيش ڪيل استعفيٰ ڪڏهن به منظور نه ڪئي ويندي. جيڪڏهن ان سلسلي ۾ سڀ کان اهم سبب پويون آهي ته پوءِ ان صورتحال کي هڪ اردو شعر ۾ تمام خوبصورت طرح سان پيش ڪيو ويو آهي:
”رات ڪو پي مئه محبت، صبح ڪو توبهه ڪرلي
رند ڪي رند رهي، هاٿ سي جنت نه گئي“
اڪثر سياستدان ان قسم جا عمل ڪندا آهن. اهڙن عملن کي انتهائي محفوظ بغاوتون سمجهيو ويندو آهي. جڏهن بغاوتن جي ليول اهڙي هجي ته پوءِ ان جي نتيجي ۾ پوندڙ امڪاني نقصانن جي حيثيت ڪهڙي هوندي؟
سياستدان پنهنجي شخصيت جي مشهوريءَ لاءِ اهڙيون بغاوتون ڪندا رهندا آهن، جن مان انهن کي ڪو نقصان نه پهچي. يوسف رضا گيلانيءَ جي استعفيٰ به هڪ اهڙي بغاوت آهي، جنهن مان هن کي نقصان جو ڪو خطرو ناهي. هن ان استعفيٰ جي ذريعي هڪ ته پنهنجي پارٽي قيادت کي اهو پيغام ڏنو آهي ته هن جي مٿان گهڻو پريشر نه وڌو وڃي. هن پنهنجي پيش ڪيل استعفيٰ جي معرفت اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته پنجاب ۾ هن جهڙي کٽي سگهندڙ (Vining Candidate) لاءِ نقصان جو سودو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي سلسلي ۾ سياسي طور تي سادا ماڻهو به ٻڌائي سگهن ٿا ته هن پارٽيءَ جو پنجاب ۾ ڪو به روشن مستقبل ڪونهي. هن سان هلڻ جو مطلب مجبوريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ٿي نه ٿو سگهي.
يوسف رضا گيلانيءَ هن مهل جيڪو پنهنجو سياسي نمونو ڏيکاريو آهي، ان ۾ هن پاران ڪنهن ٻي پارٽيءَ ۾ وڃي باقي زندگي سياسي فائدي ۾ گذارڻ وارو عمل به ٿي سگهي ٿو. ڇو ته هو پنجاب سان تعلق رکندي ان وقت تائين ٻيهر وزير اعظم يا وزير ٿي نه ٿو سگهي، جيستائين هو پيپلز پارٽيءَ ۾ رهي ٿو. جيڪڏهن هو پيپلز پارٽي ڇڏي مسلم ليگ ن ۾ شموليت اختيار ڪري ته هن جي لاءِ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اقتدار ۾ رهڻ جي ڪا صورت نڪري سگهي ٿي. اهو ممڪن آهي ۽ عين ممڪن آهي ته هن مهل تائين هن پيپلز پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو نه ڪيو هجي پر اهو عين ممڪن آهي ته هن پنهنجي پاران سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ استعفيٰ ڏئي واضح طور تي ٻه پيغام ڏنا آهن. هڪ پيغام اهو آهي ته هو پنهنجي موجوده پارٽيءَ مان خوش ناهي ۽ ٻيو اهو پيغام ته جيڪڏهن هن کي ٻي ڪنهن پارٽيءَ ۾ عزت ملندي ته هو پنهنجو سياسي فيصلو ڪرڻ جي سلسلي ۾ آزاد آهي. هن جي انهن ٻنهي پيغامن جي هن جي پارٽي قيادت کي پروڙ پئجي وئي آهي ۽ هاڻي انهن کي هن جي باري ۾ فيصلو ڪرڻو پوندو.
پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي يوسف رضا گيلانيءَ جي سلسلي ۾ اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته يا پارٽي هن جي فرمائشن کي مڃي ۽ هن کي جوڳي اهميت ڏئي يا هن کي پاڻ کان الڳ ڪرڻ جو فيصلو وٺي. هن وقت پيپلز پارٽي خاص طور تي پنجاب ۾ ته ان پوزيشن ۾ بنهه ناهي جو اها يوسف رضا گيلانيءَ جهڙي اڳوڻي وزير اعظم کي پارٽيءَ مان ڪڍڻ افورڊ ڪري سگهي. اهو ممڪن ناهي. پر هاڻي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي يوسف رضا گيلانيءَ جي باري ۾ سدائين احتياط سان رهڻو پوندو ۽ اهو احتياط هن جو پارٽيءَ کان دوريءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته يوسف رضا گيلانيءَ جو پارٽيءَ کان الڳ ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اهو عمل پنهنجي منطقي نتيجي تي ڪڏهن ٿو پهچي؟
پيپلز پارٽي کي اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿي رهي آهي ته هو پاڪستان ته ڇا پر سنڌ ۾ پنهنجي سياست تيستائين ڪاميابيءَ سان هلائي نه ٿا سگهن، جيستائين انهن جو پنجاب ۾ مضبوط سياسي بنياد نه آهي. اهو ئي سبب آهي ته پيپلز پارٽي پنجاب کي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻائڻ جي ڪوشش به ڪري رهي آهي ۽ اها پنجاب ۾ پاڻ کي نئين سر پوکڻ لاءِ سرمايو به لڳائي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هوءَ ڪڏهن ۽ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿي؟ ان جو فيصلو هونءَ ته وقت ڪندو پر اڪثر سياسي مبصر ان راءِ جا آهن ته پيپلز پارٽي پنجاب کي سياسي طور تي فتح نه ڪري سگهندي. پنجاب کي فتح ڪرڻ لاءِ هن کي نئون جنم گهرجي ۽ پارٽيءَ کي نئون جنم وٺرائڻ جي لاءِ آصف زرداري ته ڇا پر بلاول به ڪافي ناهي. پارٽيءَ جو نئون جنم تمام گهڻو مشڪل عمل هوندو آهي. ان کان وڌيڪ آسان ته نئين پارٽيءَ کي جنم ڏيڻ هوندو آهي. پراڻي پارٽيءَ کي عوام ۾ نئون ڪرڻ ناممڪن حد تائين مشڪل ڳالهه هجي ٿي. ان ڳالهه جي پروڙ هر ان سياسي ماڻهو کي پڪ سان آهي، جنهن سياست جي دنيا ۾ پنهنجا وار اڇا ڪيا آهن. ان حوالي سان يوسف رضا گيلاني هڪ تمام گهڻو تجربيڪار سياسي اڳواڻ آهي. هن سياست جون سموريون موسمون ڏٺيون آهن، هن کي معلوم آهي ته سياست ۽ خاص طور تي اقتداري سياست ڪو عشق نه هوندي آهي، جنهن وفا جو بنيادي ڪردار هوندو آهي. سياست مفادن جي راند هوندي آهي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ سياسي مفادن سبب ڦيريون گهريون ڏٺيون آهن. هن پاڻ به بيوفايون ڪيون آهن ۽ هن پاڻ به بيوفايون سٺيون آهن.
يوسف رضا گيلاني پاڻ ذاتي طور تي تمام گهڻو حسن پرست ۽ باذوق سياستدان رهيو آهي. هن اهو اردو شعر ڪيئن نه پڙهيو ۽ ٻڌو هوندو:
”اب مجهه په نزع ڪا عالم هي تم اپني محبت واپس لو
جب ڪشتي ڊوبني لگتي هي، تب بوجهه اتارا ڪرتي هين“
جيڪڏهن ٻيڙي ٻڏڻ جي صورت ۾ ان مٿان بار لاهڻ ضروري ٿي پوندو آهي ته پوءِ ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ آخر تائين ويهي رهڻ به ته ڪا عقلمنديءَ واري ڳالهه نه هوندي آهي. هن وقت نه پر ڪافي وقت کان وٺي پيپلز پارٽيءَ جي حوالي سان اهو تاثر عام آهي ته پنجاب ۾ هن جو زوال ڪڏهن به عروج ۾ تبديل ٿي نه ٿو سگهي. هوءَ ڪڏهن به پنجاب ۾ ڪاميابي ماڻي نه ٿي سگهي. ان ڪري هن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پنجاب جهڙي صوبي ۾ ان ڪري پنهنجو سياسي وجود بچائڻو پوندو ته جيئن هوءَ هڪ وفاقي پارٽي چورائي سگهي ۽ پنهنجي وجود کي اهم بڻائي سگهي. ان سلسلي ۾ يوسف رضا گيلاني ته پارٽيءَ جي لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي پر ڇا گيلانيءَ جي لاءِ به پارٽي اهم آهي؟ گيلاني هونءَ به ڪافي وقت کان وٺي پارٽيءَ ۾ گهلجي رهيو آهي. ڇو ته هن کي اها شڪايت رهندي آئي ته هن جي خاندان کي پارٽيءَ اها اهميت نه ڏني آهي، جيڪا ڏيڻ گهرجي ۽ ڪجهه وقت اڳ ۾ بلاول ڪوشش به ڪئي هئي ته يوسف رضا گيلانيءَ جي شڪايتن جو ڪو ازالو ٿي سگهي پر اهو ڪيترو ٿيو؟ اهو ڪجهه ته ٿيو پر ايترو نه ٿيو جو ان تي يوسف رضا گيلاني مطمئن هجي. يوسف رضا گيلانيءَ سان هڪ ٻيو مسئلو به آهي. اهو مسئلو هي آهي ته يوسف رضا گيلاني هڪ پير ۽ گادي نشين هجڻ جي حوالي سان پنهنجي ذات ۽ پنهنجي خاندان جي سلسلي ۾ تمام گهڻو حساس آهي. هو جڏهن به اهو محسوس ڪندو آهي ته آصف زرداري يا هن سان ويجهو حلقو هن جي جوڳي عزت نه ٿا ڪن ته هن ۾ هڪ فطري ڪاوڙ پيدا ٿي ويندي آهي ۽ اها ڪاوڙ اسان هن ۾ ان مهل به ڏٺي هئي، جڏهن هو پاڻ کي تمام ڪمزور ۽ بلڪل تنها محسوس ڪري رهيو هو.
پيپلز پارٽيءَ وٽ وفاقي سياست ۾ هن مهل به ايترو ڪجهه ناهي جو اها مسلم ليگ ن سان پنهنجو قيد ڀيٽي سگهي. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ کي اهو شديد خوف آهي ته هوءَ ايندڙ وقت ۾ وفاقي سياست جي اندر وڃائيندي گهڻو ۽ حاصل گهٽ ڪندي. ان ڪري هن جي لاءِ پنجاب جو هڪ هڪ ماڻهو اهم آهي ۽ يوسف رضا گيلاني ته هن جي لاءِ اهم ترين آهي. پيپلز پارٽي يوسف رضا گيلانيءَ جو صدمو ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪري نه ٿي سگهي. پر پيپلز پارٽيءَ هاڻي پاڻ کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪندي. پيپلز پارٽيءَ کي يوسف رضا گيلانيءَ جي لاءِ اهو احساس اڳ ۾ به هو. جڏهن ته هن پاران استعفيٰ وارو قدم کڻڻ کان پوءِ پ پ کي اها پڪ ٿي وئي آهي ته ايندڙ وقت ۾ پارٽيءَ ۽ هن جي اڳوڻي وزيراعظم جون واٽون الڳ ٿيڻ واريون آهن. ڇو ته يوسف رضا گيلانيءَ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، ان ۾ هن جي قلب جي بيداري گهٽ ۽ هن جي قيادت کان بيزاري وڌيڪ آهي.