پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتان جي معاشري ۾ رهندڙ انسانن لاءِ ڪنهن به ريت خوش رهڻ ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ تي پابندي آهي. حالانڪه انسان جبلي طور تي ڏک ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ جو پابند آهي. پر اسان جي معاشري تي اهڙا قاعدا قانون حڪمراني ڪري رهيا آهن جيڪي انسان کي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ جي آزاديءَ جا ڪٽر مخالف آهن. اسان جي ملڪ ۾ خوشيءَ جي اظهار کي فضول سرگرمي، بي حيائي، فحاشي، قيامت جي نشاني، بڪواس ۽ ٻيو الائي الائي ڇا ڇا سڏيو وڃي ٿو.
ڪنهن به قسم جي محفل ۾ عورتن ۽ مردن جو گڏجي ويهڻ ته منع آهي ئي آهي پر ڳائڻ، وڄائڻ، رقص ڪرڻ، جهومڻ، ڪنهن به قسم جو نشو ڪرڻ، سمنڊ ڪناري تُڙڳڻ، ٺينگ ٽپا ڏيڻ سميت آفاقي طور تي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ مقرر ۽ مروج سمورا طريقا اسان جي ملڪ اندر منع آهن. ائين سمجهيو وڃي ٿو ته اهي اسان کي جهنمي بڻائي ڇڏيندا.
اوهان جتي به هجو، اتي گھٽ ۾ گھٽ هڪڙو اهڙو شدت پسند ضرور موجود هوندو جيڪو اوهان کي ياد ڏياريندو آهي ته مذهبي طور تي ڪهڙو عمل درست ۽ ڪهڙو غلط آهي. حيا ۽ بي حيائيءَ جي وضاحت ڪرڻ ان جو پيدائشي حق هوندو آهي جنهن تان هٿ کڻڻ لاءِ هُو ڪڏهن به تيار نه ٿيندو آهي. سو، ڪَٿَ ڪرڻ تي معلوم ٿيندو ته هر اهو عمل جنهن سان اوهان کي خوشي محسوس ٿئي ٿي، مذهب جي خلاف ۽ بي حيائيءَ وارو آهي. اڪثر ڪري ڪو هڪڙو جنوني ماڻهو ئي شادي، سالگره توڙي نئين سال يا عيد جي خوشيءَ جي ماحول کي سوڳوار بڻائڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي. اهڙو ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن يونيورسٽيءَ جو چڪر هڻي ته اتي شاگرد ۽ شاگردياڻين کي هڪ ٻئي جي ويجهو ڏسي کيس قيامت قريب نظر اچڻ لڳندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن بين الاقوامي هوائي اڏي جي زيارت ڪري ته کيس محسوس ٿيندو آهي اتان دجال اجهو ٿو ظاهر ٿئي. ڪنهن به پبلڪ پارڪ ۾ موجود جوڙي کان وٺي هوٽل ۾ رات ٽڪڻ لاءِ آيل جوڙي تائين، سڀني کي تکيون نظرون تاڙي رهيون هونديون آهن. ماضي يا حال ۾ اهڙي خوشيءَ کان محروم رهندڙ خدائي رضاڪار انهن جي پٺيان لڳي ويندا آهن. انهن جوڙن کان نڪاح ناما گھريا ويندا آهن. ڪنهن ماڻهوءَ سان نوجوان پٽ ساڻ هجي ته به هيءُ بيمار معاشرو پهرين نظر ۾ اهو ئي سمجهندو آهي ته ڪاڪو لونڊو کنيون ٿو وتي.
اسان وٽ نئين سال جي خوشي حرام آهي. ويلنٽائين ڊي ملهائڻ ڪفر آهي. بسنت جي خوشي حرام آهي. شاديءَ جي موقعي تي ڳائڻ وڄائڻ يا نچڻ ڪُڏڻ حرام آهي. ان ڪري ڏئي وٺي ٻه عيدون ئي آهن جن کي خوشي ۽ تفريح جا ٻه موقعا ڳڻي سگهجي ٿو. پر انهن ڏينهن ۾ به خوش ٿيڻ ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ تي ايتريون پابنديون لڳل آهن جو ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ان ڏينهن اهي نيٺ ڪن ڇا؟ جنهن ڏهاڙي لاءِ انهن ايترو انتظار پئي ڪيو هئو. نيون پوشاڪون تيار ڪرايائون، بوٽ سينڊل ورتائون، ٻارن کي خريداري ڪرايائون، گهر وارن کي چوندا رهيا عيد ٿي اچي عيد ٿي اچي، سا عيد نيٺ آهي ڪهڙي بلا؟ خوشيءَ جو فلسفو ڇا رهيو؟ ان پريشانيءَ ۽ اڻ چِٽائيءَ واري صورتحال ۾ اهي وڃي مانيءَ تي ڪڙڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته عيد جي هڪڙي اها ئي سمجهاڻي وري به سندن کوپڙيءَ ۾ ويهندي آهي. عيد جو ڏينهن ماني کائڻ جو ڏينهن آهي. نوان ۽ مزيدار طعام جيڪي عام ڏينهن ۾ نه پچائبا آهن يا وري ڪڏهن ڪڏهن ئي پچايا ويندا آهن، عيد جي ڏهاڙي اهي پچندا ته عيد ملهائڻ وارا به هروڀرو دٻ ڏئي کائيندا. خاص ڪري اضحى واري عيد تي ته ماڻهو ايترو گوشت کائيندا آهن جو بعد ۾ وڃي اسپتال ۾ ڀرتي ٿيندا آهن. حقيقت اها آهي ته هن معاشري جا ماڻهو بکيا ته خوشي ۽ تفريح جا آهن پر اها ڪسر ڪڍندا مانيءَ منجهان آهن.
خوشيءَ جي دشمن هن معاشري ۾ عورت ۽ مرد جي ويجهڙائيءَ کي ته ايڏو وڏو گناهه بيان ڪيو ويو آهي جو عام طور تي زال مڙس به ڀاءُ ڀيڻ بڻجي رهندا آهن. يعني انهن جي وچ ۾ جنسي ۽ جسماني لاڳاپا ته ٺهيو پر محبت ۽ چاهت واري رويي جو اظهار به نوٽ نه ڪيو ويندو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر سندن اولاد جڏهن عاقل بالغ ٿيندي آهي ته حيرت ۾ پئجي ويندي آهي. اها ابي امان جي فنڪاريءَ جو داد ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي ته رومانس جي حوالي سان اهڙي رکاڻ ڀريو رويو هوندي به انهن اسان کي نيٺ ڪيئن ڄڻيو هوندو!
خوشيءَ جي اظهار تي هزار پابنديون مڙهيندڙ هن معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ نوجوانن، خاص ڪري ڇوڪرين کي ڀوڳڻو پوي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هڪ عام سمجهاڻيءَ موجب پاڪستان ۾ ماڻهو جوان ٿيندو ئي ڪونهي. منڍ ۾ ٻار هوندو آهي ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن اوچتو پوڙهو ٿي ويندو آهي. جوانيءَ جون سندس سموريون خوشيون ۽ حسرتون اڻ پوريون ۽ اڌوريون ئي رهجي وينديون آهن. فطري طور تي جوانيءَ جو دور هر قسم جي پابندين کان آزادي ۽ قاعدن قانونن کان بغاوت جو دور هوندو آهي. مرد توڙي عورت جي جسم ۾ جوانيءَ دوران اهڙيون تبديليون ٿي رهيون هونديون آهن جو اهي کين خوش رهڻ ۽ ان خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ همٿائينديون رهنديون آهن پر هتي نوجوانن کي شاديءَ تائين اهي خواهشون، خوشيون ۽ انهن جي اظهار کي دٻائي لڪائي رکڻو پوندو آهي. جڏهن شادي ٿيندي آهي ته نئين پرڻيل جوڙي کي ٻيو ڪجهه نه شاديءَ جو فلسفو بس اهو ئي سمجهه ۾ ايندو آهي ته معاشري کين لڳاتار روڪي رکيل جنسي خواهش جو عملي اظهار ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. اهي پنهنجي جيون ساٿيءَ کي شاديءَ واري رات کان سڃاڻڻ شروع ڪندا آهن. شادي ڀل سئوٽ يا ماسات سان ئي ٿي هجي پر ان شخص جي سڃاڻپ جو عمل بعد ۾ شروع ٿيندو آهي پهريان ان سان گڏ زندگي گهارڻ جو فيصلو ٿي چڪو هوندو آهي. ان معاملي ۾ اسان ترقي يافتا ۽ سڌريل دنيا کان بلڪل ابتا بيٺا آهيون. انهن وٽ پيار ۽ سڃاڻپ اڳ ۾ ٿيندي آهي شادي بعد ۾. اسان وري پهريان شادي ڪندا آهيون پوءِ ان جيون ساٿيءَ کي سڃاڻڻ شروع ڪندا آهيون ۽ ان سان پيار ڪرڻ جي شعوري ڪوشش به ڪندا آهيون جيڪا ضروري نه آهي ته هر ڀيري ڪامياب ٿي سگهندي هجي. ڏاڍي عجيب ۽ افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته اسان جي معاشري ۾ اڄ به اڪثر شاديون انهن جي فيصلي جو نتيجو نه هونديون آهن جن کي هڪ ٻئي سان عمر گذارڻي آهي. ان جي ابتڙ اهي سندن مائٽن جي خواهش ۽ فيصلي جو نتيجو هونديون آهن. هڪ ڀيرو ٿي ويل رشتو پوءِ هر حال ۾ نڀائڻو هوندو آهي ڇاڪاڻ ته اهو عزت ۽ غيرت جي تقاضا ۽ وڏڙن جي نڪَ ۽ پڳ جو سوال هوندو آهي.
جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ ۾ گھمڻ ۽ سير تفريح ڪرڻ لاءِ بهترين ماڳ مڪان موجود آهن. جيڪڏهن هتان جي ٽوئرازم واري صنعت کي بهتر بڻايو وڃي ته ان جي مدد سان اسين تمام گھڻو پرڏيهي ناڻو به ڪمائي سگهون ٿا پر ان لاءِ پهريان تفريح ۽ خوش رهڻ توڙي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ کي جائز قرار ڏيڻو پوندو جنهن لاءِ اسان اڃان تيار نه آهيون. جيڪڏهن ڪو به پرديسي مسافر اسان جي ملڪ ۾ گھمڻ اچي ته ان کي هر پاسي هيءُ منع آهي، هُو منع آهي جا بورڊ لکيل نظر ايندا. اهو هتي ڪا به خوشي حاصل نه ڪري سگهندو. سو، اهڙي ملڪ ۾ نيٺ ڪير اچڻ چاهيندو؟ ڪنهن جي خواهش هوندي ته پاڪستان گھمڻ لاءِ وڃان؟
البت هڪڙي ڳالهه آهي ته مٿي اسان جيترين به پابندين جو ذڪر ڪري چڪا آهيون سي سڀ غريب عوام لاءِ آهن. حڪمران طبقن لاءِ اهڙي ڪا به پابندي ڪانهي. اهي جيڪو چاهين ڪري سگهن ٿا. ڪجهه ظاهر ظهور ڪجهه لڪ ڇپ ۾. ڪجهه پاڪستان ۾ ته ڪجهه پاڪستان کان ٻاهر وڃي. سمارٽ فون، سوشل ميڊيا ۽ ڳجهين ڪيمرائن جي مهربانيءَ سان انهن جي اهڙين عياشين جا وڊيو ثبوت هيڪڙ ٻيڪڙ منظرِ عام تي به ايندا رهندا آهن. جيئن ته عوام کان ڦريل دولت جي زور تي ئي انهن جي سموري عياشي هلي رهي هوندي آهي ان ڪري اهي نه ٿا چاهين ته عوام باشعور بڻجي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان انهن جي پنهنجي عياشي ختم ٿي ويندي. تنهن ڪري فتوى باز بيمار ذهنيت آخري تجزئي ۾ مذهب، اخلاق، عزت، غيرت ۽ روايتن نه پر حڪمران استحصالي قوتن جي حمايت ۾ ئي سرگرم هوندي آهي.