وڌندڙ مهانگائي خلاف فارما ليگ جي مرڪزي سڏ تي لاڙڪاڻي ۾ سوين ميڊيڪل ريپن شهر جي لاهوري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي فارما ليگ جي مرڪزي صدر طارق ملگاڻي، فراز لاڙڪ، خان غفار خان، عارف ڊومڪي، سجاد علي گاڏهي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف سڄي ملڪ ۾ اڄ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻي ۾ به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي آهي، ملڪ جا حڪمران آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جهڙن عالمي مالياتي ادارن کان کربين روپين جو قرض وٺي پاڻ هڙپ ڪري رهيا آهن، موٽ ۾ سبسڊي گهٽائي يا بلڪل ختم ڪري عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرايو پيو وڃي، جڏهن ته اسان پورهيتن جون اجرتون ساڳيون ئي آهن، اسان غريبن جو جيئڻ ۽ مرڻ به مهانگو ڪيو ويو آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي وڌندڙ مهانگائي تي ضابطو آڻي پورهيتن جو اجرتون وڌايون وڃن، جڏهن ته حڪمرانن جا خرچ گهٽائڻ سان گڏ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ کان ورتل قرض، وياج واپس ڪري ملڪ جي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close
-
شهيد بينظير لاءِ سالگرهه تي تحفو21-06-2023
-
پنجاب کان چترال تائين عوامي ڪاوڙ ڇو؟14-05-2023