غير درجه بندي

پير جو ڳوٺ ڀرسان عورت گهر ۾ گولي لڳڻ سبب قتل،مڙس تي الزام

پير جو ڳوٺ لڳ وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ پٽڙي ۾ عورت جميلا زال ذوالفقار جاگيراڻي گهر ۾ گولي لڳڻ سبب قتل ٿي وئي، جنهنجو لاش سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتولا جميلا جي پيرسن ما شهربانو جو چوڻ آهي ته منهنجي ڌي کي مڙس بيگناهه قتل ڪيو آهي. اسان سان وڏو ناحق ٿيو آهي. انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف وڏا ماڇيون پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، حقيقتون سامهون اچڻ بعد ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button