غير درجه بندي

مورو ۾ ڊرينيج جا تلا ٽٽي پيا،ڪيترائي ڳوٺ گندي پاڻي هيٺ،متاثرن جو ڌرڻو

مورو شھر جي ڊرينيج لاءِ ٺھيل گندي پاڻي جا تلا ٽٽي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ دادو روڊ داد واهه وٽ ڳوٺ حاجي ڌڻي بخش ماڇي سميت ڪيترائي ڳوٺ گندي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. اھڙي اطلاع باوجود پبلڪ ھيلٿ انتظاميا جا عملدار نه پهتا، جنهن کانپو متاثر ڳوٺاڻن دادو روڊ مورو داد واهه وٽ مظاهرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن جي اڳواڻي جمال سولنگي، راجا، محمد حنيف، دلبر ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته اسان بار بار شڪايتون ڪيون ته ڊيم ٽٽي پوندا ۽ وڏو جاني مالي نقصان ٿيندو پر انتظاميا توجھه نه ڏنو، جنھنڪري تلاءُ ٽٽي پيا ۽ اسان جي گھرن ۾ گٽر جو گندو پاڻي داخل ٿي ويو آهي. ھن وقت اسان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھيون، سمورن گھر ڀاتين ۾ خوف واري فضا آهي، ھن ۾ ڪو به نقصان ٿيو ته ان جي ذميوار پبلڪ ھيلٿ انتظاميا ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز سميت چونڊيل نمائندا هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button