اڄ جڏهن يونيورسٽي ڏانهن ايندي ٽيپ ريڪارڊر تي وائيءَ جو هي بند
تنهنجي روڊن تي ڪراچي
چچريل لاشن لکيون
ڪيئي ڪهاڻيون درد جون!
ٻڌڻ لاءِ مليو ته هڪ وڏو پر دردناڪ سلسلو ذهن تي تري آيو جيڪو گذريل 6،7 ڏهاڪن کان ٿيندو پيو اچي. نه صرف اهو پر پنهنجي ساٿاري استاد پروفيسر ڊاڪٽر حافظ زين العابدين سوڍر جي ڪالهوڪي المناڪ قتل جو سمورو نقشو ذهن تي تري آيو. اهي صرف واقعا يا حادثا نه آهن پر اسان جي ذهنن تي نقش ٿيندڙ خوف جا اهي پاڇا آهن جيڪي اسان کي سنئين طرح جيئڻ نٿا ڏين. خوف جو اهڙو ماحول اهو به سنڌ جي دل ڪراچي ۾، جيڪو مورڙي جو ماڳ آهي جيڪو شيخ اياز جو گهر آهي جيڪو اسان سڀني جو جاگرافيائي ۽ تاريخي ورثو آهي جتي سمنڊ وهي ٿو، جتي لطيف سائين چواڻي “سيوا ڪر سمنڊ جي” جو ابدي گهر آهي. اهو ڪراچي اسان کان پهرين وفاقي گادي واري هنڌ ٺاهڻ جي نالي تي کسي ملڪيتن کي ڦٻائڻ جا اهڙا ڪارا قانون ٺاهيا ويا جيڪي لڏي آيلن جي فائدي ۾ ته هئا پر ڌرتي ڌڻين لاءِ ڪجهه به نه هو. اسان جي وڏڙن پنهنجي سادگي يا ايثار يا دورانديشي جي کوٽ جي ڪري اهو کليل دل سان سڀ ڪجهه قبول ته ڪري ويٺا پر ان جون سزائون اسان اڄوڪي نسل تائين پيا ڀوڳيون. ڪراچي جي روڊن تي چچريل لاشن جو مثال شهيد مرتضيٰ ڀٽو کان وڌيڪ ڪهڙو هوندو، پر ان کان سواءِ جيڪي ڪلور غريب عام سنڌي ماڻهن سان ٿيا اهي ڪنهن به داستان جو ڄڻ حصو ئي نه آهن اهي هزارن جي تعداد ۾ ڪٿي به ڪنهن ريڪارڊ ۾ ناهن. اهو ٻوري بند لاشن جي ڪهاڻي هجي يا جسمن تي هڪڙي نسلي گروهن وارن جا ٺپا هجن، انهن واقعي چچريل لاشن جون ڪهاڻيون لکيون آهن.
جيڪڏهن ڪير ڪراچي جي روڊن کي پرسونيفڪيشن جو نالو ڏيئي روڊن کان ڳالهرائي ته اهي روڊ اوڇنگارن سان پنهنجو داستان ٻڌائيندا ته انهن جي مٿان ڪهڙا ۽ ڪيترا ڪلور ٿيا آهن. درد جون اهي ڪهاڻيون Karachi you are killing me ناول کان وڌيڪ آهن، ڪراچي تي لکيل سمورين ڪهاڻين، ناولن يا داستانن کان وڌيڪ ڪيئي ڳالهيون پيون آهن، جيڪي ڪنهن زبان جي انتظار ۾ آهن. بيشڪ مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي سرگوشيون لکيون آهن، ڪهاڻين ۾ ارشاد رانجهاڻي جو به ذڪر ملي ويندو پر انهن سان گڏ ڪيترين ئي چچريل لاشن جي پسمنظر ۾ سڏڪن جون ڪهاڻيون اڃا اوسيئڙي ۾ هونديون.
ڪالهوڪي واقعي ۾ جتي ڊاڪٽر زين العابدين ڦورن هٿان ايئن بيدردي سان شهيد ڪيو ويو جيئن شهيد مرتضيٰ، حڪيم سعيد ۽ اهڙين ڪيترين ئي شخصيتن سان ٿيو آهي. ڊاڪٽر زين انتهائي ماٺيڻي ۽ نفيس طبيعت جو مالڪ هو تنهن ڪهڙي مزاحمت ڪئي هوندي؟ هڪڙو ڊاڪٽر ۽ پروفيسر پنهنجي ور ۾ پستول کڻي وڃي وڙهندو ته ڪونه، پر ڦورن کي اهو باور ڪنهن ڪرايو هو ته جيڪڏهن ڪير ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي ته بنا ڪنهن انساني احساس جي هڪدم گوليون هڻي ماري ڇڏيو؟ يقينن اهو باور اڻ سڌي طرح رياست جي سيڪيورٽي ادارن طرفان ڇوٽ جي نتيجي ۾ هوندو. ڪراچي اڃا مسين مسين هڪڙي نسلي گروهه جي خونخوار دهشتگردي مان جند آجو ڪيو ئي هو ته هي نئين قسم جا پرمار اچي ڪٺا ٿيا آهن. پهرين ته هر گناهه “نامعلوم” ماڻهن جي مٿان اڇلي سڀ جند آجي ڪري ويهي رهندا هئا ۽ چچريل لاشن جي سوڳوارن کي سموري زندگي اهو درد کڻي گهمڻ ڪاڻ ڇڏيو ويندو هو هاڻي ڇا ڪندا؟ هاڻي ڪهڙا نوان “نا معلوم” گروهه ٺاهيندا ۽ انهن کي سموري شهر ۾ ڇيڪ ڇڏيندا آهن ته اهي آدم بو آدم بو ڪندي ڪراچي کي هڪ دفعو وري رت سان وهنجاريندا ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچي کي ڏسي وري امداد حسيني کي هل دفعو وري اهو نوحو ورجائڻو پوي ته
هي منهنجو شهر نه
ڄڻ دشمن جو شهر آهي
جتي اکيون پنهنجن شهرن کي سڃاڻڻ کان نابري واري بيهي رهن. جتي وري امداد حسيني کي “شهر آشوب” لکڻو پوي، “حملو” لکڻو پوي ۽ اسحاق سميجي کي وري ان جي علامتن ۽ استعارن کي اجاگر ڪرڻو پوي جهڙوڪ
ته ڪو انسان به ٿئي شهر جي ماتم ۾ شريڪ،
ته ڪي چيخون به هجن جشنِ جهنم ۾ شريڪ،
شهر جي موت تي ڪو پار ڪڍڻ وارو نه هو،
ڪو رُئڻ وارو نه هو، ڪو به رُئڻ وارو نه هو!
بلڪل هي نوحو اسان جي ٻنهي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ آهن جيڪي سنڌ جي دل ۾ ايئن ڌڙڪندا آهن جيئن رات جي وقت ماءُ جي دل پنهنجي پٽن جي واپسي جي اوسيئڙي ۾ ڌڙڪندي آهي. ڊاڪٽر زين العابدين ڪراچي کي پنهنجو شهر سمجهي ويو هوندو، ڪراچي کي پنهنجائڻ ويو هوندو، ڪراچي ۾ رهندڙ پنهنجي ڄاٽي ۽ پنهنجي ڌيءَ کي دلجوئي ڏيڻ ويو هوندو ته توهين پنهنجي سنڌي ڌرتي جي دل ۾ ڌڙڪندڙ شهر ۾ رهو ٿا اسين به اچون وڃون ٿا ۽ سموري سنڌ ايندي ويندي رهندي، پر کيس ڪير ٻڌائي ها ته ڪراچي جي امن جي موت تي ڪو چيخڻ ۽ ماتم ڪرڻ وارو ناهي جو اتي رحيم خان جهڙا ظالم افغاني اچي رهيا آهن جيڪي پنهنجي کيسي کي ڀرڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، ڪنهن به نوجوان کي قتل ڪري سگهن ٿا، ڪنهن به حڪيم کي بيدردي سان ماري سگهن ٿا، ڪنهن به مسلڪ جي عالم کي اڏاري سگهن ٿا، ڪنهن به عظيم قوال کي بنا سوچڻ جي گولين جو کاڄ بڻائي سگهن ٿا، ڪنهن به يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر کي چند ڏوڪڙن يا گاڏي جي ڦر جي نالي تي ابدي موت جي ننڊ سمهاري سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي روڊن جي رت ڪهاڻين تي ڪو به حڪمران روئڻ يا ڌيان ڌرڻ وارو ناهي، هتي به بس موت جا سوداگر آهن. ڇا اڃا اسان انهي دور ۾ رهون ٿا جتي ماڻهو قتل ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي جتي اعليٰ تعليم يافته فردن جي ڪا حيثيت ناهي جتي جيئڻ جو حق نٿو ڏنو وڃي؟ ڇا اسين هن جديد ٽيڪنالوجي ۽ پوسٽ ماڊرن دورن مان ناهيون گذري آيا؟ ڇا اڃا اسان انهي وحشي دور کي جيئارڻ نه وڃي رهيا آهيون؟ ڪيترائي سوال آهن پر جواب ۾ ڪراچي جي روڊن تي چچريل لاشن جيان درد ڪهاڻين جيان آهن، انهن جوابن کي ڳولڻ لاءِ سنڌ تي تقريبن ٻن ڏهاڪن کان حڪمراني ڪندڙ ڌر وٽ وقت ناهي، انهن کي مال ميڙڻ ۽ فرمانبرداري مان فرصت ناهي، انهن وٽ بري ڀلي، حق سچ، غلط درست جي پرک جو اختيار ناهي. ته پوءِ ڪراچي آخر ڪيستائين اهو درد ڀوڳيندو جيڪو درد ڪراچي جي روڊن تي ڊاڪٽر زين جهڙن عالمن جي چچريل لاشن سان لکيل آهن؟