عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيل حڪومت نه رڳو عوام لاءِ مسئلا وڌائي ڇڏيا آهن پر عوام جو جيئڻ به حرام ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ئي وقت عوام چوکنڀو ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪڏهن اهو مهانگائيءَ جي مار ٿو سهي، ڪڏهن اهو ٻوڏ ۾ ٿو لڙهي ته ڪڏهن وري اهو بيمارين وگهي تڙپي تڙپي مري ٿو. عوام جي حوالي سان جيڪي به مسئلا آهن، اهي جيئن جو تيئن موجود آهن پر حڪومت انهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ يا انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه پئي ڪري. پاڪستان ۾ ڪنهن به اسم جو بحران ٿيڻ عام ڳالهه آهي. خبر ئي ڪانه پوندي آهي جو ڪنهن وقت به ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ٿي سگهي ٿي. اها کوٽ ايتري وڌي ويندي آهي جو عوام پنهنجو پاڻ کي وڪڻي به اهو اسم خريد ڪرڻ چاهيندو آهي پر حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران ذخيرا اندوزن هٿان بليڪ ميل ٿيندي رهندي آهي. اهڙي ريت اهو مسئلو حل ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن ڳنڀير ٿي رهيو آهي. هاڻوڪن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ گورين ۽ دوائن جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي. عام استعمال جون دوائون ميڊيڪل اسٽورن تان ڪونه پيون ملن، جنهن جي ڪري مريض پريشان لڳا پيا آهن. جڏهن ته دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون جڏهن چاهين دوائن جا اگهه پنهنجي مرضي سان وڌائي ڇڏينديون آهن.
دوائون ٺاهيندڙ (فارما سيوٽيڪل) ڪمپنين حڪومت طرفان دوائن جا اگهه نه وڌائڻ تي ڪاوڙجي عوام مان ڪسر ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ مختلف ڪمپنين گهٽ اگهه وارين دوائن جي پيداوار بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ پيناڊول ۽ پيرا سيٽامول دوائن جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن. ڄاڻ موجب پرڏيهي دواساز ڪمپنين ڊالر مهانگو ٿيڻ تي ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ ڪچو مال مهانگو ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي حڪومت کان دوائن جا اگهه وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو پر وفاقي ڪابينا ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽيءَ جي سفارشن باوجود 100 کان وڌيڪ سستين دوائن جون قيمتون گهٽائڻ واري سمري منظور نه ڪئي، جنهن کان پوءِ ڪمپنين سستين دوائن جي پيداوار روڪي ڇڏي آهي. ان حوالي سان هول سيل مارڪيٽ جي واپارين جو چوڻ آهي ته مقامي ڪمپنيون سستيون دوائون هاڻي بليڪ تي مهانگيون وڪرو ڪري رهيون آهن، جنهن سبب پيناڊول ۽ پيرا سيٽامول جهڙين دوائن جا اگهه به وڌي ويا آهن ۽ اڪثر شهرن ۾ اهي دوائون اڻلڀ آهن. هوڏانهن صحت واري وزارت طرفان دوائن جو مصنوعي بحران پيدا ڪندڙ ميڊيڪل اسٽورن خلاف ڪارروايون پڻ جاري آهن. هي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين جي هڪ هٽي آهي، جو اها حڪومت جي ڳالهه کي ڪنهن ليکي ۾ ڪونه ٿي آڻي. جيڪڏهن عام استعمال جون دوائون به ائين گم ٿينديون رهيون ته پوءِ ڪهڙي ريت مريضن جو علاج ٿي سگهندو. ان کان سواءِ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون پنهنجي مرضي موجب دوائون اسٽور ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪنديون ته دوائون ڪونه پيون ٺاهيون وڃن. جڏهن ته تازو جيڪي ڇاپا لڳا آهن، انهن کان پوءِ ڪروڙن جي انگ ۾ رڳو پيناڊول گوريون هٿ ڪيون ويون آهن. اهي دوائون ان ڪري اسٽور ڪيون وينديون آهن ته جيئن ڪمپيون پنهنجي مرضيءَ جي اگهه موجب وڪرو ڪري سگهن. عوام کي اسٽور تان جنهن به اگهه تي دوا ملندي آهي، اهو وٺندي دير ڪونه ڪندو آهي. 10 روپيا پتو ملندڙ پيناڊول گوري، هن وقت 40 روپين ۾ وڪامجي رهي آهي. پر ماڻهو ان اگهه ۾ وٺي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته عوام کي اسٽور وارا اهو چئي دوا ڏيندا آهن ته مٿان کان بند آهي، مارڪيٽ ۾ موجود ڪونهي. تنهنڪري مهانگي ملي رهي آهي. ظاهر آهي جڏهن ايڏي وڏي پئماني دوائون اسٽور ڪيون وينديون ۽ ان جي رسائي مارڪيٽ تائين نه ڪئي ويندي ته عوام کي مهانگي اگهه تي دوا ملندي.
اسين سمجهون ٿا ته هي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين جي عوام سان زيادتي آهي ۽ اهي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري عوام تي معاشي بار وڌائڻ چاهين ٿيون. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به ريت انهن جا ناجائز مطالبا نه مڃيا وڃن. حڪومت دوائون عوام جي پهچ کان پري نه ڪري پر انهن تائين رسائي آسان ڪري.