غير درجه بندي

قمبر ۾ زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر جي ڳوٺ ڇڄڙا جي رهواسين ڀٽا برادري زرعي زمين تي بااثرن جي قبضي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد وارث ڀٽو، غلام حيدر ڀٽو، طارق ڀٽو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بااثر وڏيرن ملڪ چانڊيو ۽ مشتاق چانڊيو اسان جي زرعي زمين تي هٿيارن جي زور تي قبضو ڪيو آهي، جن خلاف اسان ايس ايس پي ۽ ايم پي اي سردار خان چانڊيو وٽ دانهيو آهي پر اسان سان انصاف نٿو ٿئي. هنن چيو ته اسان جي زندگين کي خطرو آهي. بااثر احتجاج ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏين ٿا، اسان پنهنجي زمين تي وڃي نٿا سگهون. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button