غير درجه بندي

ڏوڪري ويجهو ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان قتل

سيهڙ ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهي وارداتون گهٽ نه ٿي سگهيون، ڦرن جو آزار روز جو معمول بڻجي ويو. ڏوڪري ويجهو سيهڙ ٿاڻي حد جي ڳوٺ سيھڙ ۾ ڦر دوُران مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. ڏوڪري ويجهو سيهڙ ٿاڻي حد جي ڳوٺ سيهڙ واسي پورهيت نوجوان شھمير ڪانڌڙو ۽ سندس دوست شيراز چنجڻي رات دير سان سيهڙ اسٽيشن کان ڳوٺ اچي رهيا هئا ته رستي تي ٽن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي رستو روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن شھمير ڪانڌڙو ولد سڄڻ ڪانڌڙو کي ڇرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي نوجوانن جا وارث ۽ ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمن جا سور نه سھندي نوجوان شھمير علي ڪانڌڙو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. جڏهن ته اسپتال انتظاميه ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button