غير درجه بندي

ميرو خان ۾ ٽائون ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ميروخان ۾ ٽائون ملازمن پگهار نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اظهر گوپانگ، اورنگزيب ابڙو، محمد اسحاق ڀٽي, مقيم عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪرڻ بعد ٽائون آفيس جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ملازمن دانهيندي چيو ته نئين مقرر ايڊمنسٽريٽر آغا شاهد پٺاڻ ۽ ٽائون آفيسر ارباب مستوئي ۾ اختلافن سبب گذريل مهيني جي پگهار نه ٿي سگهي آهي. ملازمن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گذريل سيپٽمبر مهيني جي پگهار ڏياري وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. رابطو ڪرڻ تي ايڊمنسٽرير آغا شاهد پٺاڻ ٻڌايو ته ملازمن جو احتجاج جائز آهي جنهن جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو. هن چيو ته پگهار ملازمن جو حق آهي پر ٽائون آفيسر ارباب علي مستوئي اهو چئي پگهارن جي بلن تي صحيحون نٿو ڪري ته مون کي ايم پي اي گهنور اسراڻ منع ڪيو آهي جيڪو سراسر غلط عمل آهي. ٻي طرف ٽائون آفيسر ارباب علي مستوئي ٻڌايو ته مون پگهارون ڪري ڇڏيون هيون پر ايڊمنسٽريٽر آغا شاهد پٺاڻ بئنڪ عملي کي پگهارون جاري ڪرڻ کان سختي سان منع ڪيو آهي. هن چيو ته پگهارون ٿيڻ ۾ رڪاوٽ مان نه پر ايڊمنسٽريٽر پاڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button