غير درجه بندي

اسٽيبلشمنٽ جو پلان، عمران خان جا يوٽرن…!

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

هن ملڪ جي سياست ۾ گهڻو ڪري پردي جي پٺيان ئي پتلين جو تماشو ٿيندو آهي، اهي جيڪي اسڪرپٽ رائيٽر رهيا يا جن تماشي کي ڊائريڪٽ ڪيو، انهن جي جوڙيل پلان تي گهڻو ڪري عمل ٿيندو رهيو آهي. هي ٻڌائڻ ضروري ناهي ته اهي پلان ڪيترا عوام دوست رهيا آهن. هينئر تائين جن به پلان تي عمل کي يقيني بڻايو ويو، انهن سان عوام جو سڌي يا اڻ سڌي ريت ڪوبه واسطو نه رهيو آهي. جيڪي مهرا اهڙن پلانز جو حصو رهيا يا انهن جي سفارشن جي نتيجي ۾ ڪامياب يا ناڪام ٿيا، انهن کي پنهنجو انعام ضرور مليو آهي. هي ڏسي ڪري حيرت ٿئي ٿي ته اهي جيڪي ڊگهي عرصي کان اقتدار جي ايوانن کان پرڀرا رهيا، انهن کي به Mainstream ۾ آندو ويو، ان جو هڪڙو سبب ته هي هو ته انهن کي ڪارائتو بنائڻو هو. هي سڀ ڏسندا رهيا آهيون ته اهي سياسي يا غير سياسي اڳواڻ ۽ بروڪر، جن وٽ ڪنهن يونين ڪائونسل کٽڻ جيترا به ووٽ نه هئا، يا اهي، جن وٽ رڳو پنهنجو هڪڙو ووٽ هو، اهي به حڪومتن جا سربراهه ٿيا. چون ٿا ته هي جوهري جو ڪمال هو، جنهن ڪنهن بيڪار پٿر کي هٿ لاتو ته اهو به پارس ٿي ويو. پر هي سڀني ڏٺو ته اهي پٿر جن کي قيمتي سمجهيو ويو، انهن ۾ رڳو چمڪ دمڪ هئي. ڊاڪٽر مبارڪ علي اهڙن رٻڙاسٽيمپ “هيروز” جي باري ڪافي شيون لکيون آهن. بريخت برٽالٽ پنهنجي مشهور ڊرامي “گليلو، گليلي” ۾ لکيو ته ” Pity the land that needs a hero”. اهڙا ئي رٻڙ اسٽيمپ يا هٿ ٺوڪيا “هيروز” آهن، جن جي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پرورش ۽ پالنا ڪئي وئي ۽ جنهن ويل انهن جي آزمائش جو وقت آيو ته اهي کوٽا سڪا نڪتا!
هن ملڪ جي سياست جو “گهِن چڪر” اهو ئي رهيو آهي. جيڪڏهن سياسي اڳواڻ فطري Nurture ذريعي اچن ها ۽ انهن جي سياست جو بنياد عوام هجي ته هن ملڪ کي نه سياست ۾ “ولين” جي ضرورت هجي، نڪي وري Rootless اڳواڻ پيدا ٿين ها. هي سڀ ڪجهه پلان تحت ڪيو ويو ته جيئن عوام دوست ليڊرشپ پيدا ئي نه ٿئي، ته جيئن ڪٺ پتلين جو تماشو جاري رهي. هي تماشو ڪيستائين جاري رهندو، ان کي موجوده حالتن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. جنهن قسم جا بيانيا جوڙيا وڃن ٿا اهي ملڪ جي سموري ترقي ۽ خوشحالي جي عمل کي سبوتاز ڪري ڇڏين ٿا، ان کانپوءِ وري پوئين پيرين ڀاڄ شروع ٿي وڃي ٿي. هڪٻئي پٺيان يوٽرن وٺڻ جو سلسلو به سامهون اچي ٿو. ان پرمغز سياسي ليڊرشپ کان پڇيو وڃي ته اهي آخرڪار کيڏ ۾ مداري جو ڪردار ڇو ادا ڪندا رهيا. اهي “گهوم جمهوري” ته گهمي وڃن ٿا، ان سياسي قحط الرجال تي سوچڻ جو وقت اچي ويو آهي.
هينئر ٽي وي اسڪرين تي نيوٽرل جو لفظ ورلي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو،لڳي ٿو هي لفظ به سياسي ڊڪشنري مان غائب ٿي ويندو. هينئر تائين ان لفظ ذريعي جيڪو ڪجهه چيو ويو، ان تان هٿ کنيو ويو آهي. ان سان گڏ گذريل ستن اٺن مهينن کان، سوشل ميڊيا تي جيڪي لفظ ٽرينڊز جي صورت اختيار ڪري ويا، اهي سڀ پنهنجي معنيٰ ۽ مطلب وڃائي رهيا آهن. انهن سمجهي ورتو ته ٿيڻو اهو ئي آهي، جيڪو “ڪوري جي من” ۾ هوندو! هينئر سڀ ڏسي سگهن ٿا ته ڪيئن وقت جي وزير اعظم کي پاسيرو ڪيو ويو آهي. هن کي ڪرونا آهي يا نه، هي بحث گهڻي اهميت نٿو رکي، پر هن جو گادي نشين اسحاق ڊار ٿيو آهي، جيڪو آن اينڊ آف گرائونڊ تي شاٽس کيڏي رهيو آهي. هن کي جيترو مشن سونپيو ويو، اهو مڪمل ٿي ويو. رهيل ڪسر آصف زرداري پوري ڪري ڇڏي، هن ايترو به چيو ته جيڪي اهم رينڪ ۾ آهن، انهن مان جيڪو به سامهون ايندو، اهو کين قابل قبول آهي! هينئر تائين جيتري سياست ڪرڻي هئي ٿي وئي. اهي جن “محب وطن گهوڙيسوار” جا راڳ الاپيا، انهن کي خبر پئجي وئي ته معاملا پلان مطابق طئي ٿي ويا، هن کي نه ئي Say ڏني وئي، نه ئي هو ان پوزيشن ۾ هو، جو ڊڪٽيٽ ڪرائي سگهي. هاڻ هي چوڻ ته عظيم گهوڙيسوار جي چونڊ، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جيان ٿيڻ گهرجي!لڳي ٿو ته زميني حقيقتن کان هٽي ڪري ان نوعيت جون تجويزون ڏنيون پيون وڃن. جيڪڏهن سموري عمل کي ڏٺو وڃي ته هي مڪينيڪل طريقو ناهي، يا جيئن چيو ويندو آهي ته “مکي ڪي اوپر مکي مارنا”!
هينئر حڪومتي سطح تي عمران خان جي ٻن يوٽرن جو خاص ذڪر ٿي رهيو آهي. هڪ طرف آمريڪي سازش جي ذريعي کيس اقتدار کان الڳ ڪرڻ واري ڳالهه ۽ ٻي، صدر عارف علوي جيڪو فيصلو ڪندو، ان جي کلي عام حمايت ڪئي ويندي. پرڏيهي پاليسي جيڪا ايتري شاندار هئي، جو ملڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اڪيلائي جو شڪار ٿي رهيو هو. وري به يورپي يونين کي شابس هجي، جو انهن پاڪستان جو جِي پلس درجو ختم نه ڪيو، ٻي صورت ۾ جيڪا ايڪسپورٽ هئي، اها به زيرو ٿي وڃي ها. آمريڪين پهرين ڏينهن کان واضح ڪيو پئي ته هو اهڙي ڪنهن به سازش جو شڪار ناهن. جنهن سائفر جو ذڪر وري وري ٿي رهيو هو، ان کي عاق ڪيو ويو آهي! حڪومت يا اصل حڪمران چاهين ها ته ان سازش کي عمران خان جي ڳچي ۾ وجهي سگهيا پئي، پر انهن پاسو ڪيو، جيڪا چڱي ڳالهه آهي. ان سان گڏ جيڪو ٻيو يوٽرن آهي، اهو به عجيب آهي. جيڪڏهن ڪنهن به اهم عهديدار جي مقرري ملڪ جي آئين ۾ واضح طور ڄاڻايل هجي ۽ اٿارٽي جي باري ۾ ٻڌايو ويو هجي ته هي موقف اختيار ڪرڻ ته جيڪو فيصلو صدر ڪندو، اهو کين قبول هوندو، چوڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ صدر عارف علوي پاڻ چئي ٿو ته هن وٽ جيئن ئي ڊاڪ ايندي هو ان تي آڱوٺو هڻي وزير اعظم هائوس موڪلي ڇڏيندو! اسحاق ڊار جنهن وقت صدر سان مليو ته هن واضح طور چيو ته هن قانوني ماهرن ۽ دوستن سان مشورو ڪري ورتو آهي، هي سندس اختيار ئي ناهي، هي وزير اعظم جو صوابديدي اختيار آهي. جيڪڏهن عمران خان چئي ها ته اسان جيڪو چيو اهو ته نه مڃيو ويو، انڪري مان سياست تان رٽائرڊ ٿيان ٿو، ته ڳالهه ٺهي ها! هاڻ هي سوال به پڇڻ گهرجي ته جنهن لانگ مارچ جو ڊرامو ڪيو ويو، ان جو ڇا ٿيندو؟ ڪي حلقا چون ٿا ته عمران خان لانگ مارچ نه پر شارٽ مارچ ڪيو، هن کي جيڪڏهن اسلام آباد اچڻ ڏنو ويو ته کيس جلسي جي اجازت ملندي ۽ ان کانپوءِ هو الٽيميٽم ڏئي ڪري گهر ڀيڙو ٿي ويندو!
اهي جن جي اوڙي پاڙي تي نظر آهي، اهي ٻڌائين ٿا ته ڳالهه هيستائين ختم نه ٿيندي، پر جيڪي اهم تبديليون اچڻيون آهن، انهن جي نتيجي ۾ هي اهم معاملو هميشه لاءِ طئي ٿي ويندو، ته جيئن وري ڪنهن سياستدان کي ان تي سياست ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿئي ۽ اهي جيڪي پنهنجي من ۾ “هزارين خواهشون” کڻي اچن ٿا، انهن جي مُٺي ماٺ ٿي ويندي. هي انڪري ٿئي پيو ته جيئن فرمائشي پروگرامن کي بند ڪري سگهجي. پر هي ڳالهه سمجهڻي پوندي ته موجوده صورتحال ۾ ميان نوازشريف کي اتحادين سان گڏجي مداخلت ڇو ڪرڻي پئي؟ ميان صاحب جنهن کي سزا يافتا قرار ڏئي نااهل ڪيو ويو ۽ وزير اعظم جي ڪرسي به هن کان کسي وئي، هن اسٽيبلشمنٽ کي واضح پيغام ڏنو ته هو اهم عهدي تي هجي يا نه، پر جيڪو ڪم سياستدانن جو آهي، اهي ڪندا. هينئر اتحادين به ميچوئرٽي جو ڏيکاري انڪري هو اهي سمورا ڪم ڪري سگهن ٿا، جيڪي انهن جي Domain ۾ آهن. جيڪڏهن سويلين ۽ نان سويلين جي ٽڪراءَ کان پاسو ڪيو وڃي ته ڪافي معاملا طئي ٿي سگهن ٿا. اهي جيڪي سمجهن ٿا ته طاقتور ڌريون جيڪي ماضي کان شاٽس کيڏن پيون، انهن کي پردي جي پٺيان سڀ ڪجهه ڪرڻ ڏنو وڃي ته انهن کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن عمران خان جهڙو وزير اعظم ٻيهر آيو ته اهو پيادو هجڻ باوجود بادشاهه کي مشڪل ۾ وجهي سگهي ٿو. هي ته عمران خان جي “عقلمندي” هئي، جو واڳ ڌڻين جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهيو. هي ٻنهي ڌرين کي سمجهڻو پوندو ته انهن جا مفاد پنهنجي جاءِ تي ته موجود رهندا، انهن جو ٽڪراءَ به ٿيندو، پر ملڪ جي آئين ۾ جيڪو رستو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪڏهن ان کي اپلاءِ ڪجي ته ڪيترائي تڪرار حل ٿي ويندا. ان کانسواءِ ڪو ٻيو رستو به ناهي. سياستدانن جو ڪم طاقتور حلقن جي خدمت ڪرڻ ناهي، پر عوام جي ڀلائي لاءِ سوچڻو آهي. آمريڪي چونڊن دوران مون سينيئر صحافي انور اقبال کان پڇيو هو ته هي ٻڌايو ته رياستن ۾ ڪير کٽي سگهي ٿو؟ هن ٺهه پهه جواب ڏنو هو ته جيڪو عوامي ڀلائي جو سٺو پلان پيش ڪندو، ماڻهو ان کي ووٽ ڏيندا. هي سڀ ڪجهه تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن ووٽ جي ڪا عزت هوندي. جيڪڏهن دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾، خاص ڪري اٽلي ۾ ماضي جي فاشسٽ حڪمرانن کان متاثر حڪمران ٿي سگهن ٿا ته هتي سياسي آزادي ڇو نٿي ڏئي سگهجي. اسان وٽ هي طئي ٿيل آهي ته ريڊ لائين ڪٿان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪٿي ختم ٿيندي. ان جي باوجود جيڪڏهن معاملا خراب ڪرڻا آهن ته اهڙن سياسي ۽ غير سياسي اڳواڻن تي ڪابه ميار ڏئي نٿي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button