پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو آهي ته آئين ۽ قانون موجب آرمي چيف جي مقرري جو اختيار وزيراعظم وٽ آهي. عمران خان اهڙو رستو اختيار ڪيو آهي جو هاڻي ڪير به ساڻس ڳالهيون نه ڪندو. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حليم جي دعوت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيو چيو ته جڏهن آرمي چيف مقرر ٿي ويندو ته سمورو گوڙ ختم ٿي ويندو ۽ آرمي چيف جي مقرري تي خوشي جو اظهار ڪرڻ خراب ڳالهه ناهي. هن چيو ته مون کي نٿو لڳي ته پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف ايندڙ حڪومت گڏجي ٺاهينديون، ڇاڪاڻ ته تجزيا جيڪي ٿيا آهن اهي سچ ناهن ٿيندا. شيخ رشيد تمام گهڻا تجزيا ڪيا آهن پر سندس هڪ به تجزيو اڃا تائين پورو ناهي ٿيو. هن چيو ته عمران خان جنهن انداز ۾ معاملي کي موضوع ٺاهيو آهي ڪو به سياستدان ايئن نٿو ڪري سگهي. هو اڃا تائين آڱر جي انتظار ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته وٽس پنهنجي ڪا طاقت ناهي ۽ هو سهارو وٺڻ جي ڪوشش پيو ڪري. هن چيو ته عمران خان جيڪو طريقو اختيار ڪيو آهي اهو سندس خاتمي جو رستو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close