عالمي

سعودي عرب اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو

رياض/انقرا:سعودي عرب سال 2002ع جي عرب امن قدمن جي بنياد تي اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. ترڪ نشرياتي اداري اناطولو جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي گڏيل قومن ۾ مستقل نمائيندي عبدالله المعلمي روزناما عرب نيوز کي هڪ انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته رياض عرب امن قدمن جي حوالي سان پرعزم آهي. اهي قدم 1967ع ۾ قبضو ڪيل سڀني علائقن ۾ اسرائيل جي قبضي جي خاتمي ۽ اسرائيل سان لاڳاپا معمول موجب آڻڻ جي بدلي آزاد فلسطيني رياست جو چون ٿا جنهن جي راڄڌاني اوڀر يروشلم هوندو. عبدالله المعلمي جو چوڻ هو ته سعودي عرب جي سرڪاري ۽ هاڻوڪي پوزيشن اها آهي ته اسرائيل جيتري جلدي 2002ع ۾ پيش ڪيل سعودي امن قدمن جي عنصرن تي عمل ڪري اسان اسرائيل سان لاڳاپا معمول موجب آڻڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته جڏهن اسرائيل انهن قدمن تي عمل ڪندو ته ان کي نه رڳو سعودي عرب پر اسلامي سهڪار تنظيم جا سمورا 57 ميمبر ملڪ ۽ سڄي مسلم دنيا تسليم ڪندي. سندس چوڻ هو ته وقت درست يا غلط کي تبديل ناهي ڪندو، اسرائيل جو فلسطيني علائقن تي قبضو غير قانوني آهي ڀلي اُهو ڪيترو به پراڻو ڇو نه هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button