واشنگٽن: آمريڪا طرفان وچ اوڀر ۾ ناقص انٽيليجنس ڄاڻ تي فضائي ڪارروائين ۾ هزارين بي ڏوهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا جي بچاءَ واري کاتي پينٽاگان جي ڳجهن دستاويزن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته وچ اوڀر ۾ آمريڪا جون فضائي ڪارروايون ناقص انٽيليجنس ڄاڻ سان ڀرپور رهيون. آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب غلط اطلاعن جي بنياد تي ڪارروائين ۾ ٻارن سميت هزارين عام شهري قتل ڪيا ويا پر ڪنهن به جاءِ تي ذميوارن خلاف ڪارروائي نظر نه آئي. نيويارڪ ٽائيمز مطابق پينٽاگان جي آمريڪي فضائي جنگ جي ڳجهي آرڪائيو مان ليڪ ٿيل دستاويزن ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا آهن. وچ اوڀر ۾ 2014ع کان بيگناهه شهرين جي مارجي وڃڻ جا 1300 کان وڌيڪ واقعا ٿيا آهن. ٻئي پاسي رپورٽ منظر عام تي اچڻ کان پوءِ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ترجمان ڪيپٽن بل اربن پنهنجي ڪوتاهين جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته بي ڏوهه شهرين جي موت تي شرمنده ۽ غلطين مان سکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.