عالمي

فلپائن ۾ سامونڊي طوفان سبب وڏي تباهي، 200 ڄڻا فوت

منيلا: فلپائن ۾ سامونڊي طوفان سبب متاثر ٿيندڙ سامونڊي علائقن ۾ ڪم ڪندڙ امدادي ڪارڪنن طوفان سبب وڏي تباهي ۽ 200 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي، طوفان سبب اسپتال، گهر ۽ اسڪول پڻ مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته طوفان جي نتيجي ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو لاپتا آهن. پوليس متاثر علائقن ۾ رليف آپريشن شروع ڪندي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري رهي آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سامونڊي طوفان سبب تقريبن 5 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. جڏهن ته طوفان ڪيترن ئي صوبن ۽ ٻيٽن کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي ڪري پيئڻ جي پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ پئدا ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button