عالمي

افغانستان ۾ بنا محرم جي عورتن جي سفر تي پابندي

ڪابل: افغان طالبان حڪم جاري ڪيو آهي ته وڏي فاصلي تائين سفر ڪندڙ عورتن کي ڪنهن محرم مرد بنا ٽرانسپورٽ تائين پهچ فراهم نه ڪئي ويندي. افغانستان جي نيڪي کي هٿي ۽ ڏوهن جي روڪٿام جي وزارت جي حڪم نامي موجب مختصر فاصلي تائين سفر ڪندڙ عورتن کي ان کان ڇوٽ حاصل آهي. وزارت جي ترجمان صادق عاڪف مهاجر موجب عورتون جيڪڏهن خاندان جي ڪنهن مرد سان گڏ نه هجن ته انهن کي 45 ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ فاصلي تائين سفر جي اجازت ناهي. اهو حڪم نامو طالبان جي ان وزارت طرفان آچر ڏينهن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد “ڏوهن کي روڪڻ ۽ سٺن قدرن کي هٿي” آهي. وزارت سڀني ٽرانسپورٽ وارن کي به هدايت ڪئي آهي ته حجاب بنا عورتن کي گاڏين تي سوار نه ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button