عالمي

ڀارت جا 10 رياستي وزير ۽ 20 اسيمبلي ميمبر ڪرونا کان متاثر

نئين دهلي: ڀارت ۾ عالمي وبا ڪرونا سان گڏوگڏ ڏکڻ آفريقي ويرينٽ اوميڪرون جا ڪيسز به روزاني جي بنياد تي سامهون اچي رهيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڀارت ۾ ڪرونا جا 22775 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. جڏهن ته 406 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ڀارت ۾ اوميڪرون سبب متاثر ماڻهن جو انگ به 1400 کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي ۽ سڀني کان وڌيڪ 406 ڪيسز رياست مهاراشٽرا ۾ سامهون آيا آهن. ڀارت ۾ هينئر تائين گڏيل طور تي 3 ڪروڙ 48 لک 61579 ماڻهو ڪرونا سبب متاثر ۽ 4 لک 81486 فوتگيون رڪارڊ ٿي چڪيون آهن. ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي ڊپٽي وڏي وزير اجيت پورا چيو آهي ته رياست جا 10 وزير ۽ 20 اسيمبلي ميمبر ڪرونا جو شڪار ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button