عالمي

آنگ سانگ سوڪي وڌيڪ 4 سال جيل ۾ رهندي

ميانمر يعني برما جي عدالت فوجي راڄ خلاف جدوجهد ڪندڙ سياستدان آنگ سانگ سوڪي کي 4 سال قيد ڪاٽڻ جي هڪ ٻي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، آنگ سانگ سوڪي گذريل سال فيبروري ۾ فوج جي حڪومت سنڀالڻ بعد نظربند ڪري جيل ۾ رکي وئي، بعد ۾ سندس مٿان الزام لڳايا ويا آهن، جن کي تسليم ڪرڻ کان هن انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مقامي عدالت هن ڀيري آنگ سانگ سوڪي کي ملڪيتن تي قبضي ۽ واڪي ٽاڪيز گهرائڻ سميت ڪرونا ايس او پيز ٽوڙڻ جي الزام هيٺ 4 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. ان کان اڳ ڊسمبر ۾ کيس 2 سال قيد ٻڌايو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button