عالمي

برطانوي شهزادي خلاف جنسي زيادتي جو ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست رد

برطانيا جي شهزادي اينڊريو خلاف عورت سان جنسي زيادتي وارو ڪيس خارج ڪرائڻ جي مد ۾ داخل هڪ درخواست کي آمريڪي عدالت رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ شهزادي اينڊريو تي 2001ع ۾ هڪ عورت ورجينيا جيفري کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي الزام هيٺ آمريڪي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي. شهزادي جي وڪيل 2009ع ۾ انساني اسمگلنگ جي هڪ جوابدار جيفري ايپسٽين سان ٿيل معاهدي جو حوالو ڏيندي ڪيس ختم ڪرڻ جي عدالت کي استدعا ڪئي، پر جج فيصلو ٻڌايو تھ ڪيس جي ٻڌڻي هلڻ جوڳي آهي. عورت ورجينيا جيفري الزام لڳايو هو تھ شهزادي اينڊريو کيس 17 سالن جي عمر ۾ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو هو ۽ اسمگلر جيفري ايپسٽين سهولتڪاري جو ڪم ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button