دنيا ۾ هيرو جهڙي حيثيت رکندڙ مشهور گولڊ مڊلسٽ ڪوئو هي جهان ڇڏي ويو آهي. ميڊيا مطابق بارودي سرنگهون سونگهي ماڻهن کي موت کان بچائيندڙ ڪوئو ماگاوا وڇڙي ويو آهي. پرڏيهي رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڪوئو ماگاوا جي حياتي 8 سال هئي، کيس اهو اعزاز حاصل آهي تھ هن 5 سالن جي خدمتن واري ڪيريئر ۾ 100 کان وڌيڪ ڀيرا بارودي سرنگهن کي سونگهي ڌماڪيدار مواد ڳوليو. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي تھ ماگاوا تندرست هو.
آخري هفتي جي آخري ڏهاڙن ۾ سست بڻيو، وڌيڪ ننڊ ڪندو رهيو ۽ آخري ڏينهن ۾ تھ هن کائڻ پيئڻ ۾ دلچسپي گهٽائي ڇڏي هئي. ياد رهي تھ ڪوئي ماگاوا ڪمبوڊيا ۾ خاص ڪري سرنگهن کي دريافت ڪري وڏو ڪم ڪيو هو.