عالمي

فلپائين ۾ مئل ڪاڪروچن تي شاهڪار مصوري ڪئي وئي

فلپائين جي عورت مصورا برينڊا پي ڊلگاڊو اهڙي مصورا آهي، جنهن ان شعبي ۾ باقائدا ڪا تربيت ناهي ورتي پر سندس فنپارا عجب ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. برينڊا پي ڊلگڊا پنهنجي دلڪش مصوري جي مد ۾ ڪاڪروچن جي چمڪندڙ پرن کي بهترين قرار ڏنو ۽ ان تي مصوري ڪري ماڻهن کي حيرت ۾ دنگ ڪري ڇڏيو آهي. برينڊا پي ڊلگڊا جو چوڻ آهي تھ ڪاڪروچن جا پر چمڪندڙ ۽ انتهائي حسين هجن ٿا، تنهنڪري مصوري جي مد ۾ اهي منهنجي پهرين ترجيح رهيا آهن. برينڊا هن وقت تائين مئل ڪاڪروچن جي پرن تي موتين جي جهمڪن واريم ڇوڪري، سونهري ڏاڙهي وارو پوڙهو، تارن سان ٽٻ رات، اسپائيڊر مين ۽ ٻين عنوانن واريون پينٽنگس تيار ڪري مداحن جو ڌيان ڇڪايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button