عالمي

چيني جاسوس عورت جو برطانوي سياست ۾ داخل ٿيڻ جي وارننگ جاري

برطانيا جي مقامي جاسوس اداري ايم آئي فائيو ملڪي پارليامينٽ جي ميمبرن کي وارننگ جاري ڪئي آهي تھ چيني جاسوس عورت ڳجهي نموني سان برطانوي سياست ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، تنهن کان محفوظ رهڻ جي مد ۾ قدم کنيا وڃن. ايم آئي فائيو جي جاري ڪيل وارننگ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ چيني جاسوس عورت جو سڌو تعلق چين جي حڪمران ڪميونسٽ پارٽي سان آهي،

چيني جاسوس عورت جي آفيس جو ٻاهريون ڏيک

جاسوس اداري الزام لڳايو تھ چيني عورت ڪرسٽين چنگ ڪوئي لي ڳجهي نموني سان چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مد ۾ ڪم ڪندڙ تنظيم يونائيٽڊ فرنٽ ورڪ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جتان اها برطانيا جي سياست ۾ پنهنجو عمل داخل وڌائڻ سان گڏ ان جي جائزو پڻ وٺندي رهي ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ مس لي برطانوي شهريت رکي ٿي، جنهن جي آفيس ڪجهه وقت کان پراسرار نموني خالي پيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button