مناما : سفارتي ۽ واپاري لاڳاپن جي بحالي جي ڏيڍ سال کانپوءِ اسرائيل ۽ بحرين وچ ۾ دفاعي معاهدو طئي ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل جو دفاع وارو وزير بيني گينٽز بحرين جي دوري تي پهتو ۽ بحرين جي فرمان روا احمد بن عيسيٰ الخليفا سان شاهي محل ۾ ملاقات ڪئي. ان اهم ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدي ابراهيم تحت طئي ٿيل دفاعي سهڪار بابت معاملن کي حتمي شڪل ڏني ۽ ڏيڍ سال کانپوءِ بعديا معاهدو به طئي ٿي ويو. اسرائيلي دفاع واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل مفاهمتي يادداشت تحت مستقبل ۾ انٽيلي جنس، فوجي، صنعتي ڀائيواري ۽ وڌيڪ شعبن ۾ سهڪار ڪيو ويندو. اسرائيلي دفاع واري وزير بحرين جي هم منصب سان آمريڪي بحري ٻيڙي جي هيڊ ڪوارٽر جو به دورو ڪيو. اسرائيلي دفاع واري وزير چيو ته بحرين سان اهو معاهدو اسرائيل جي خطي ۾ پنهنجن نون اتحادين سان پنهنجي نوعيت جو پهريون معاهدو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close