عالمي

روس جو يوڪرين جي سرحد تان فوج جي واپسي جو اعلان

ماسڪو: روس جو چوڻ آهي ته ان يوڪرين جي سرحد تي مقرر پنهنجي هڪ لک فوجين مان ڪجهه فوجين کي واپس سڏائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. روس جي بچا واري وزارت جو چوڻ آهي ته يوڪرين جي سرحد ويجهو وسيع پيماني تي جنگي مشقون جاري رهنديون پر ڪجهه جٿا پنهنجي ڇانوڻين ڏانهن واپس اچي رهيا آهن. يوڪرين خبردار ڪيو آهي ته جيستائين ان کي فوجين جي واپسي جو ثبوت نٿو ملي وڃي اهو ان تي ڪو ردعمل نه ڏيندو. يوڪرين جو چوڻ آهي ته فوجن جي واپسي جا ثبوت ملڻ کانپو اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته ڇڪتاڻ گهٽجي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button