عالمي

هڪ هزار ڪوڙن جي سزا ٻڌايل سعودي بلاگر 10 سالن بعد آزاد

سعودي عرب ۾ مبينا طور آن لائن مذهب اسلام جي توهين جي الزام هيٺ هڪ هزار ڪوڙن جي سزا ٻڌايل سعودي بلاگر رائف بداوي کي 10 سالن بعد نيٺ آزادي ملي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ سعودي بلاگر رائف بداوي جي آزاد ٿيڻ جي تصديق سندس زال ڪئي آهي.

رائف بداوي جي حق ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي (فائيل فوٽو)

ڪينيڊا ۾ رهندڙ بلاگر جي زال انصاف حيدر ٻڌايو تھ رائف کيس فون ڪئي آهي. ياد رهي تھ انصاف حيدر مڙس توهين مذهب جو الزام لڳڻ بعد حملو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪينيڊا منتقل ٿي وئي هئي. سعودي لبرلز ويب سائيٽ جي باني رائف بداوي کي هڪ هزار ڪوڙا هڻڻ جي سزا ٻڌائڻ بعد 2016ع ۾ جدا جي هڪ مسجد ٻاهران 50 ڪوڙا هنيا ويا هئا،

رائف بداوي جي سزا خلاف احتجاج ٿي رهيو آهي (فائيل فوٽو)

جنهن بعد ڪوڙا هڻڻ جو فيصلو ملتوي ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ تھ سڄي دنيا ۾ ان جي خلاف انساني حقن جي تنظيمن سخت احتجاج ڪيو هو. رائف بداوي جي سزا پهرين مارچ تي ختم ٿي آهي، پر مٿس 10 سالن تائين سفري پابنديون برقرار آهن. سماجي تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز جو چوڻ آهي تھ اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا تھ رائف پابندين باوجود ڪينيڊا ۾ خاندان وٽ وڃي ساڻن ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button