اوٽاوا: ڪينيڊا جي شهر مسي ساگا ۾ مسجد ۾ هڪ جوابدار ڪهاڙي سان حملو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي زخمي ڪري وڌو. پرڏيهي ميڊيا موجب فجر مهل هڪ شخص ڪهاڙي سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن موجب مسجد انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نمازين 24 ورهين جي جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙن واقعن جي اسان جي ملڪ ۾ ڪا گنجائش ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close