آمريڪا ۾ شادي جي تقريب دوران مهمانن کي پيش ٿيندڙ کاڌي ۾ ڀنگ ملائيندڙ ڪنوار 42 سالن جي دانيا گليني ۽ سندس ڪيٽرنگ مينيجر جوائسلين برائنٽ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڪنوار دانيا گليني ۽ ڪيٽرنگ مينيجر تي الزام آهي تھ انهن کاڌي ۾ ڀنگ ملائي ۽ اهو مهمانن کي کارايو،
جنهن سان انهن چرس جي فراهمي ۽ فلوريڊا جي اينٽي ٽيمپرنگ ايڪٽ ڪي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ شادي ۾ چرس ملايل کاڌو کائڻ بعد ڄاڃي بيمار ٿي ڪرڻ لڳا تھ پوليس کي طلب ڪري ڪاروائي ڪئي وئي.