اقوام متحده جي سربراهه انتونيو گوتريس دنيا جي سربراهن کي خبردار ڪيو آهي ته پنهنجي پاليسن ۾ تبديلي آڻيو يا مستقبل ۾ دوزخ جهڙي دنيا لاءِ تيار ٿي وڃو.
گلاسگو ۾ 31 آڪٽوبر تي اقوام متحده جي ماحولي سربراهي ڪانفرنس ٿي رهي آهي، جنهن ۾ 2015 جي پيرس ڪانفرنس جي ڪاميابين جو جائزو ورتو ويندو.
2015 واري ع پيرس ڪانفرنس ۾ دنيا جي اڳواڻن تي زور ڀريو ويو هو ته اهي ڪاربان ڪٽوتي ڪري گرمي پد ۾ 2 درجا سينٽي گريڊ لاٿ ڪن، پر ان ۾ ڪاميابي ملي نه سگهي آهي.
اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل چيو ته وقت مٺ مان واري جيان وهي رهيو آهي، دنيا کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته پيرس معاهدي تي عمل ڪيو وڃي.
هن چيو ته اسان يا ته دنيا بچايون يا دوزخ جهڙي آئندي لاءِ تيار ٿيون. هن چين طرفان ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن ۾ سيڙپڪاري نه ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته سڄي دنيا ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن جو آهستي آهستي خاتمو ڪري ۽ ڪوئلي تي ڪوبه نئون بجلي گهر نه ٺاهيو وڃي.