نيويارڪ: نيويارڪ اسٽيٽ جي سپر مارڪيٽ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ ٽي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب 18 سالن جو گوري رنگ وارو حملي آور فوجي يونيفارم، آرمرڊ شيلڊ ۽ هيلمٽ پهري بفيلو سپر مارڪيٽ ۾ داخل ٿيو ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏنائين. جوابدار حملي کي گيمنگ بابت سوشل ميڊيا تي لائيو نشر ڪيو، جوابدار پيٽن گينڊرن جي بندوق تي نسل پرست لفظ به لکيل هئا. پوليس موجب 13 ڄڻن کي گوليون لڳيون، جن مان 11 ڪاري نسل جا آهن، بازار ۾ گهڻو ڪري ڪاري نسل وارا ماڻهو شاپنگ لاءِ موجود رهندا آهن. ايف بي آءِ موجب واقعي جي جاچ نفرت جي ڏوهن جي حوالي سان ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪاري نسل ڪميونٽي ميمبرن صدر جوبائيڊن کان واقعي جي شفاف جاچ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close