آمريڪي قانون ماڻهن کي ان وقت ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون آهن، جڏهن هڪ عورت کي ڏائڻ جي الزام ۾ موت جي سزا ڏيڻ کي 329 سال گذرڻ بعد ان کي ان الزام مان بري ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ رياست
ميسا چوسٽس ۾ 1693ع دوران سليم وچ ٽرائلز تحت هڪ عورت کي ڏائڻ هجڻ جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن بابت هاڻ ذري گهٽ ساڍا 300 سال گذرڻ بعد قانونسازي ڪري ان عورت کي نھ رڳو موت جي سزا کي ختم ڪيو ويو آهي، پر ان کي ڏائڻ هجڻ جي الزام مان پڻ آجو ڪيو ويو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ ان عورت کي ڪجهه ٻين عورتن سان گڏ رياست ۾ ڏائڻ هجڻ جي شڪ ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي.
هي ڪيس اڳتي هلي سليم وچ ٽرائلز جي نالي سان مشهور ٿيو، جنهن ۾ 100 کن عورتن ۽ مردن کي ڏائڻ جي الزام ۾ سزا ملي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ان دور ۾ بدصورت ماڻهن کي ڏائڻ سمجهيو ويندو هو ۽ موقعي عدالتون لڳائي کين بادشاهن هٿان سزائون ڏياريون وينديون هيون.